17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪيليفوريا ۾ فائرنگ، 12 ڄڻا مارجي ويا

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر ٿائوزينڊ اوڪس جي هڪ بار ۾ هٿياربند فائرنگ ڪري 12 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. لاس اينجلس کان لڳ ڀڳ 40 ميلن جي فاصلي تي موجود شهر ۾ اهو واقعو اربع جي رات تقريبن 11 وڳي پيش آيو. ان دوران حملو ڪندڙ به مارجي ويو پر في الحال واضح ناهي ته هو پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ مارجي ويو يا هن آپگهات ڪيو. مقامي اختيارين ٻڌايو آهي ته حملي وقت بار ڪاليج جي شاگردن سان ڀريل هو ۽ واقعي ۾ لڳ ڀڳ 12 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن. واضح رهي ته آمريڪا ۾ فائرنگ سبب وڏي پئماني تي ماڻهو مارجڻ جو اهو ٻن هفتن دوران ٻيو واقعو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Quaidabad blast: case registered against unknown suspects

ڪراچي: قائد آباد ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قائد آباد ۾ ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے