11 منگل , دسمبر 2018

ٽي ڊبليو سي جو نعرو: اسپتالون ويران ڪيو، يوگا سان ميدان آباد ڪيو:جميل چانڊيو

اڄ جي نفسا نفسي واري دور ۾ جتي انسان انيڪ مسئلن جو شڪار آهي اتي صحت جي اڻ پورين سهولتن سبب عام ماڻهو لاءِ معياري علاج سندس پهچ کان ٻاهر آهي، جنهنجو مک ڪارڻ مهانگائي ۽ معاشي تنگ دستي شامل آهي، اهڙي صورتحال ۾ انسان پنهنجي عمر کان اڳ پوڙهو ۽ موت جي ور چڙهيو وڃي، صحت مند معاشري لاءِ حڪومتون پنهنجي عوام لاءِ خاطر خواه بجيٽ ته ضرور انگن اکرن ذريعي جادوگري ته ڏيکاريندي رهي آهي پر زميني حقيقت ان جي ابتڙ آهي، انسانيت جي خدمت گارن اڄ به بنا ڪنهن پرچار، ڏيکاءُ کان مٿانهون ٿي عام ماڻهن کي موتمار بيمارين ۽ مدي خارج طبي نظام کان ڪڍي لالچ لوڀ جي صحتمند لاڙن ڏانهن مائل ڪرڻ جو درس عملي طور جاري رکيو آهي،

ان ڏس ۾  ملير جي علائقي گلشن حديد مان اڄ کان 9 سال اڳ هڪ اهڙو عمل شروع ڪيو جنهن ذريعي اڄ سڄي سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين هزارن جي تعداد ۾ يوگا ذريعي بيمارن جو علاج بنا ڪنهن خرچ جي جاري رکيو آهي، موجوده دور ۾ ٻين لاءِ وقت ڪڍڻ ناممڪن هجي اتي انسانيت جي علمبردار جي علامت بڻيل شخص اعظم جو نالو اڄ فرشتو طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن عام ماڻهن کي صحتمند ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙو ادارو قائم ڪيو جيڪو نج غير سياسي ۽ بغير ڪنهن مفاد جي دي ونڊرفل ڪلب (TWC) جي نالي سان قائم ڪيو، جنهن جي شروعات گلشن حديد کان ڪجهه انسان دوست ماڻهن کان شروع ٿي جيڪا اڄ وڌي وڻ ٿي وئي آهي، جنهن ذريعي هزارين انسانن کي اسپتالن کان ڪڍي راند جي ميدانن ۾ آڻي صحتمند ڪيو۽ جسماني معذوري کان بچايو، هزارين اهڙا بيمار ماڻهو اڄ اوهان سندس ٽي ڊبليو سي جي ويب سائٽ ۽ فيس بڪ اڪائونٽ ذريعي ڏسي پڙهي ۽ معلومات وٺي سگهو ٿا، ويب سائٽ ذريعي بنا ڪنهن معاوضي جي صحت ماڻڻ لاءِ بهتر طريقيڪار سان صحت بابت ڄاڻ ماڻي سگهجي ٿي، ٽي ڊبليو سي جي سرواڻ انجنيئر اعظم، باک ڦٽي مهل گلشن حديد جي پرفضا مقام هل پارڪ تي بهتر صحت برقرار رکڻ لاءِ يوگا جون مشقون ڪرايون وڃن ٿيون، جنهن ۾ يوگا بابت مهارت رکندڙ يوگي ۽ ذهني منجهاري جو شڪار ماڻهن جي ليڪچرل ۽ فيزيڪل فٽنيس جي تربيت بغير ڪنهن فيس ادا ڪرڻ جي روزاني تربيت عملي طور ڏني وڃي ٿي، هڪ اندازي مطابق رجسٽر ميمبر 10 هزار کان مٿي ٿي ويا آهن جڏهن ته ان جو فائدو ڪيترن ئي خاندانن کي پهتو آهي، جنهنجو انگ هڪ لک تائين ٻڌايو وڃي ٿو، ٽي ڊبليو سي جا چيپٽر ڪراچي جي مختلف پبلڪ پارڪن ۾ 20 کان وڌيڪ سرگرم آهن، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، خيرپور، سکر سميت پنجاب، بلوچستان ۽ ڪشمير، ملتان، فيصل آباد، لاهور، گجراوالا، پنڊي، اسلام آباد، ڪوئٽا ۾ ٽي ڊبليو سي صحتمند سهولتن سان گڏوگڏ انسانيت جي خدمت ۾ ڏينهن رات سرگرم عمل آهي، يوگا صحت سان گڏوگڏ انسان جي بهتر ذهني تربيت ذريعي روحاني ڪيفيت کي تبديل ڪري ٿي، يوگا جو اهڙو عمل بيمارين جي خاتمي سان گڏوگڏ انسان کي نئون بنو ۽ زندگي ۾ تبديلي آڻي ٿو.

ان ڏس ۾ ٽي ڊبليو سي گلشن حديد جي نائين جنم تقريب انتهائي پروقار ۽ شانائتي نموني سان گلشن حديد جي پرفضا پارڪ ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ گلشن حديد جي والينٽيئر طور ٽيم جي ميمبرن پنهنجي مدد پاڻ وڻڪاري مهم جو آغاز آيل مهمانن کان ڪرايو جڏهن ته ناليواري يوگي ميڊم ترنم الاهي، شفيع راڄپوت خصوصي طور نه صرف شرڪت ڪئي پارڪ ۾ موجود سوين ماڻهن کي يوگا جي تربيت سان گڏوگڏ معلومات مهيا ڪئي، جيڪا جي چيپٽر هيٺ ٽي ڊبليو سي پاڪستان انجنئير محمد اعظم، محمد يونس، ڊاڪٽر بابر سميت ۽ سندس ٽيم ڪراچي جي مختلف علائقن مان آيل مهمانن کي عملي تربيت جا نت نوان طريقا سمجهايا، سندن سلوگن هو ته اسپتالون ويران ڪيو، ميدان آباد ڪيو، تقريب جو مک مهمان يوگا جي ناليواري اڳواڻ ميڊم ترنم الاهي، انجنيئر محمد اعظم، شفيع راجپوت، يونس ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ميڊم ترنم الاهي چيو ته يوگا ذريعي انسان جي انرجي ۾ اضافي سان گڏو گڏ ان کي بهترين صحت ملي ٿي جنهن سبب هو ذهني، جسماني طور تي تندرست رهي ٿو. دنياوي ۽ روحاني سڪون ذريعي هو پنهنجي زندگي بهتر انداز ۾ گذاري ٿو. ٽي ڊبليو سي جي چيف پيٽرن انجنيئر اعظم چيو ته اسان جو نعرو” اسپتالون ويران ۽ گرائونڊ آباد ڪرڻ آهي.“ هن چيو ته اسان انسانيت جي ڀلائي لاءِ هڪ مشن سمجهي بنا ڪنهن پيسي يا فيس جي ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته يوگا دنيا جو مهانگو ترين فن آهي. جنهن کي هر انسان ماڻي نه ٿو سگهي پر ٽي ڊبليو سي ڪار خير سمجهي پنهنجي مدد پاڻ انسانيت جي خدمت ڪري رهيو آهي. شفيع راجپوت چيو ته يوگا ذريعي لکين ماڻهو بيمارين کان جان ڇڏائي آهي. اسان کي گهرجي ته مردن سان گڏ عورتن ۽ ٻارن کي به يوگا طرف مائل ڪريون. تقريب کي ذاهد ميمڻ، ڊاڪٽر فتح شيخ، علي اصغر، چوڌري خالد، ڊاڪٽر عامر ۽ ٻين خيالن جو اظهار ڪيو، تقريب جي پڃاڻي تي يڪرائي وچن ڪيو ويو ته قوم کي بيمارين کان ڇٽڪارو ڏيارائي صحتمند ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ ٽي ڊبليو سي پنهنجو ڀرپور ڪردار عملي طور ادا ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے