22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ| اسلام ڪوٽ: مختيارڪار پاران رهواسين کي گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس

اسلام ڪوٽ تعلقي جي مختيارڪار عبدالغفار لاکير نادر شاهي فيصلو جاري ڪندي شهر اندر ويھه  ورهين کان ويٺل رهواسين کي گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪندي ٽن ڏينهن جو الٽيميم ڏئي ڇڏيو آهي،جنهن سبب رهواسين ۾ سخت تاءُپکڙيل آهي.

شهر جي چئوطرف پيل هزارين ايڪڙ سرڪاري گئوچر سميت اينيمي پراپرٽي،يڪسالن جي زمينن تي بااثرن قبضا ڪري زمينون ڀڳڙن مُٺ عيوض وڪرو ڪري بنگلا ٺاهي ڇڏيا آهن.

شهرين جي احتجاج  باوجود مختيارڪار ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي،

انڪشاف ٿيو آهي ته شهر جي سمورن روڊن جي ڀرپاسي پيل وڏي تعداد ۾ سرڪاري زمينن جا ڪوڙا کاتا ٺاهيا ويا آهن،ڪيتريون ئي اهڙيون زمينون موجود آهن.

شهرين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ کان نوٽيس وٺي انڪوائري ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے