10 پیر , دسمبر 2018

آرڪيالاجي جي علم کي عام ڪندڙ ڪجهه شخصيتون:صراط گوهر دائودپوٽو

سائنس جو علم ننڍي کنڊ ۾ نئين فيلڊ آهي، نئين ان ڪري جو علمي لحاظ کان ويجھڙ ۾ ئي تعليمي ۽ سماجي کاتي ۾ شامل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته گذريل صديءَ کان وٺي دنيا جي محققن ۽ آرڪيالاجسٽ ان موضوع تي تحقيقي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ مختلف وضاحتون به ڏنيون اٿئون. ان کانسواءِ، جي اسان سائنس جي علم جي تاريخ تي نظر وجھندا سين ته ماضيءَ ۾ اسان کي گليليو/گليلي، نيوٽن، آئنسٽائين، ميري ڪيوري، ٽيسلا، ايڊيسن، پاسڪل، لوس ڊي بروغلي، برٽرنڊ رسل، وغيره پنهنجي ڏنل نظرين، ڪيل ڪمن، ايجادن ۽ دريافتن بابت معلومات پکيڙڻ ۾ رڌل نظر ايندا، سڀني جي ڪوشش رهي آهي ته وڌ کان وڌ ماڻهن تائين معلومات پهجي ته جيئن سائنس مان گھڻي کان گھڻو فائدو وٺي سگھجي. انهن کان علاوه  ٻين سائنسدانن ۽ سائنس تي لکندڙن به ان بابت معلومات پکيڙڻ ۾ حصو ورتو.

عام طور تي، سائنس جي علم کي عام ڪرڻ ۾ کي ماهرن پاران عام ماڻهن تائين  سائنسي معلومات پهچائڻ ۽ علم منتقل ڪرڻ جي عمل کي سڏيو ٿو وڃي. سائنسدان مختلف طريقن سان عام ماڻهن ۾ پنهنجو پيغام پکيڙن ٿا. جن مان پرنٽ ميڊيا (اخبار، ڪتاب، مئگزين وغيره) ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڪردار وڏي پيماني تي آهي. وڌيڪ، ليڪچر، نمائشون، سياحتي قافلا، ڪانفرنسون وغيره پڻ انکي عام ڪرڻ جا بهترين ذريعا آهن. دنيا ۾ هن شعبي کي فروغ ڏنو پيو وڃي ته جيئن سائنس مان فائدا وٺي سگھجن.

آرڪيالاجيءَ جي علم کي عام ڪرڻ جي وضاحت به ساڳي ئي آهي؟ آرڪيالاجي (سنڌي ليکڪن ان کي ”پراچين وستو وگيان“ لکيو آهي) سائنس جي هڪ شاخ آهي، آرڪيالاجي جي مشهوري ٻين لفظن ۾ سائنس جي مشهوري آهي.

هن مضمون ۾ سائنس جي مشهوري تي تفصيلي بحث ممڪن ناهين. مضمون ۾ فقط پاڪستاني آرڪيالاجيءَ جي مشهوري ۾ مقامي ٻولين جي ڪردار تي غور ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ۾ مان پڙهندڙن کي ٻڌائڻ چاهيندس ته پاڪستاني آرڪيالاجي عام ڪيئن ٿي، مشهوري ڪرڻ وارا ڪير هئا؟ آرڪيالاجسٽ، تاريخدان يا اديب ۽،  شروعاتي سالن ۾ مشهوريءَ جا طريقا ڇا هئا، هنن سڀن سوالن جا جواب ڏيندي مان سنڌي زبان ۾ پراچين وستو وگيان جي عام ڪرڻ تي پنهنجو رايو ڏيندس.

پاڪستاني آرڪيالاجي کي عام ڪرڻ ۾ پهريون قدم انگريز آرڪيالاجسٽن (پراچين وستو وگيانين) کنيو هو، جن ۾ سر جان مارشل جو نالو سرِفهرست آهي. پر هندستان ۽ پاڪستان جا ڪجھه دانشور مارشل جي ڪمن کي پاپولرائيزيشن جي فريم ورڪ ۾ ناهن ڏسندا. سندن خيال آهي ته مارشل جي پذيرائي مقامي ماڻهن لاءِ نه هئي، (نوٽ: جڏهن ته مارشل هندستان ۽ پاڪستان جي پراچين تاريخ تي انگريزي زبان ۾ کوڙ سارا ڪتاب لکيا جن ۾ ڪجھ گائيڊ بوڪ به آهن).

مقامي آرڪيالاجي کي مشهور ڪرڻ ۾ سر مورٽيمر ويلر جو ڪردار اهم رهيو آهي. ويلر صاحب جي سڄي ڪيريئر ۾  هن جي وڏي ڪاميابي اها هئي ته هن آرڪيالاجي کي ماڻهن ۾ عام ڪرڻ جا اپاءُ ورتا، ان ۾ هو گھڻي حد تائين ڪامياب به رهيو. مان سمجھان ٿو ويلر جي انهن ڪمن جي ڪري ئي هن کي ”فادر آف ماڊرن آرڪيالاجي“ چيو ويندو آهي. ويلر جي انهن يادگار ڪمن ۾ هڪ اهو به هو ته هن  1940 ۽ 1950 واري ڏهاڪن ۾ ٽيڪسلا ۽ مُهين جو دڙو جي کوٽائيءَ دوران هتان جي مقامي آرڪيالاجسٽن کي فيلڊ آرڪيالاجي جي سکيا ڏني. فيلڊ ٽريننگ اسڪولن ۾ پاڪستان جي مشهور آرڪيالاجسٽ ۽ تاريخدان احمد حسن داني ۽ هندستان جي ناليواري آرڪيالاجسٽن بي. بي. لال ۽ ايڇ. ڊي. سنڪاليا سکيا ورتي هئي. وڌيڪ اهم ۽ دلچسپ هي آهي ته ويلر کانپوءِ هن جي شاگردن هن جي ئي پيروي ڪئي. داني پاڪستان ۾ ۽ سنڪاليا هندستان ۾ آرڪيالاجيءَ لاءِ ڪم ڪندا رهيا، ٻنهين پنهنجي استاد جي پرمپرا کي ڇڏيو ڪونه!

ان حولي سان ذاتي ڪچهريءَ ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي ۾ استاد ڊاڪٽر رفيع الله خان ٻڌايو ته داني ۽ سنڪاليا جي پاپولرائيزيشن ۾ وڏو فرق آهي. سنڪاليا انگريزي سان گڏوگڏ مقامي ٻولين کي به ترجيع ڏني ۽ هندستان جي مختلف ٻولين جي مدد سان اتان جي عوام ۽ آرڪيالاجي جو سنٻنڌ (ليڪچر، نمائشن ۽ لکڻين ذريعي) قائم رکيائين، جڏهن ته داني جي پاپولرائيزيشن پاڪستاني سماج جي اميرن ۽ پڙهيل لکيل طبقي تائين محدود هئي. اسانکي داني جي ليکن مان هڪ به ليک مقامي ٻوليءَ ۾ ناهي مليو، داني پاڪستاني آرڪيالاجيءَ تي  ڪجھه به نه لکيو آهي سڀ انگريزيءَ ۾ آهي ( دانيءَ جي پاپولرائيزيشن بابت وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو ”جرنل آف ايشين سولائيزيشنز، جولاءِ 2015، پيج نمبر 107 کان 130 تائين“).پاڪستاني آرڪيالاجي کي مشهور ڪرڻ ۾ ٻين کوڙ سارن پراچين وستو وگيانين، تاريخدانن، دانشورن ۽ اديبن پڻ حصو ورتو. مقامي دانشور هن ڪم ۾ پاڪ و هند جي تقسيم کان اڳ کان ئي رڏل آهن. شروعات ۾ اخبار ۽ مئگزين مشهوري جو وڏو ذريعو هئا ۽ هتان جي ليکڪن ان مان ڀرپور فائدو ورتو. ان دور ۾ آرڪيالاجي تي تاريخدان ۽ اديبن لکيو.

تعليم جو نظريو آهي ته ”ٻار کي تعليم انهيءَ زبان ۾ ڏني وڃي، جيڪا انهيءَ ٻار نيم شعوري زبان آهي.“ مان سمجھان ٿو ته ساڳي نموني آرڪيالاجي بابت معلومات به ماڻهن کي انهن جي قومي زبان ۾ ڏني وڃي، ايئين هو جلدي سمجهي ويندا.

قائداعظم يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي ۾ استاد ڊاڪٽر رفيع الله خان پاڪستاني آرڪيالاجي کي مقامي ٻولين ۾ پيش ڪرڻ کي ”ورنيڪيولرائيزيشن آف پاڪستاني آرڪيالاجي“ ڪوٺيو آهي، سندن چوڻ آهي ته اڄ جي دور ۾ آرڪيالاجي کي عام ڪرڻ جي بيحد ضرورت آهي. ان سان عام ماڻهوءَ جي آرڪيالاجي بابت شناسائي وڌندي.

ماڻهن جو آرڪيالاجي تاثر، جيڪو اڃا تائين ٺيڪ ناهي، بهتر ٿي سگھندو. ۽ ان جو شايد وڏن وڏن سياسي، معاشي ۽ قومي نظرين تي اثر پئي. متان! آرڪيوٽوئرزم کي هٿي ملي. ان کان علاوه آرڪيالاجيءَ کي مقامي ٻولين ۾ عام ڪرڻ سان هتان جي ماڻهن جي آرڪيالاجي بابت ٺهيل (غلط) سوچ کي گھڻي حد تائين بهتر بڻائي سگھجي ٿو..

ماهرن، اديبن ۽ دانشورن کي آرڪيالاجيءَ کي مقامي زبانن ۾ عام ڪرڻ ۾ علمي نظرين، موضوع ۽ ان جي بيان ڪرڻ ۾ خيال رکڻ گھرجي. اسان انگريزي ۾ لکڻ پڙهڻ وقت هر شيءَ جو ڌيان رکندا آهيون، پر ساڳي شيءَ کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پيش ڪرڻ وقت اسان اڪثر تعليم، مشهوري ۽ ٻوليءَ جي اصولن ۽ نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون. ان سان نقصان ٿو ٿئي، وگياني بيخبريءَ ۾ غلط معلومات منتقل ڪندا ٿا رهن. مطلب ت وگياني پنهنجي ٻوليءَ کي به اوتروي جيتري هو انگريزي کي ڏي ٿو مان هتي پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان، انگريزن کانپوءِ واري دور ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ليکڪن ۽ دانشورن انگريزي تي تنقيد ڪئي ۽ سندن وڏي پيماني تي مقامي ٻولين کي فروغ ڏيڻ ۾ وڏي جدوجھد ڪيائون. آفريڪا ۾ هن سوچ جي ماڻهن جي ڪافي تعداد آهي!

جڏهن ته پاڪستاني ٻولين مان مراد اردو، سنڌي، پشتو، بلوچي، پنجابي، سرائيڪي، وغيره ۾ آرڪيالاجي تي گھٽ لکيو ويو آهي. ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ سنڌي ۽ اردو ۾ ڪجھه مواد موجود آهي، پنجابيءَ ۾ به هڪو دڪو ڪتاب ملي ٿو. جيتري قدر سنڌي ٻوليءَ جو تعلق آهي، محققن، اديبن، ليکڪن ۽ وگيانين جي مهرباني ۽ محنت سان ڪجھه مواد آرڪيالاجيءَ تي موجود آهن. جن ۾ ڪتاب، مضمون، ناول، ڊراما ۽ شاعري شامل آهي. سنڌ ۽ پاڪستان جي آرڪيالاجي کي عام ڪرڻ ۾ سنڌي ميڊيا جو ڪردار اهم رهيو آهي. سنڌي صحافت شروع کان ئي آرڪيالاجيءَ کي وڏي اهميت ڏني آهي. جنهن جا ثبوت آزاديءَ کان اڳ واري سنڌي اخبارن ۽ مئگزينن ۾ ڏسي سگھجن ٿا. سنڌ ۾ ثقافتي ورثي جي مقبوليت ۾ سنڌي تعليمدانن جون ڪوششون به ساراهه جوڳيون آهن.

سنڌ ۾ تعليمي ادارا، ثقافت ۽ سياحت کاتو، سنڌ انڊومينٽ فنڊ ۽ ٻيا ڪيترا ئي نجي توڙي سرڪاري ادارا پڻ آرڪيالاجي جي مشهوري ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، خاص طور تي سنڌي ميڊيا.  ان حوالي سان سنڌ جي ليکڪن جي ڪردار کي وساري نٿو سگھجي.

پاڪستان ۾ آرڪيالاجي کي عام ڪرڻ جي اڃا گھڻي ضرورت آهي، آرڪيالاجسٽن کي قومي ميڊيا جي مدد سان تاريخ، ثقافت ۽ ورثي کي مشهور ڪرڻ کپي. ۽ ان حوالي سان سرڪاري ادارن کان به مدد وٺي سگھجي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …