17 جمعرات , جنوری 2019

سنڌ جي گورنر جي ترڪي جي قونصل جنرل سان ملاقات

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ترڪي جي قونصل جنرل Tolgo Ucak گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ ترڪي لاڳاپن، واپار ۾ واڌ، سيڙپڪاير کي هٿي سميت اهميت تي ٻڌل ٻين معاملن تي تفصيلي خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪ ترڪي ٻطرفا لاڳاپا انتهائي ڀائراڻا آهن جيڪي محبت ۽ احترام جي بنياد تي قائم آهن جيڪي وقت گذرڻ سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ترڪي سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ وڌيڪ واڌ جو خواهشمند آهي، ترڪي جي سيڙپڪاري سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي عوام جي دل گڏ ڌڙڪندي آهي ٻنهي ملڪن جو عوام هڪ ٻئي سان بي انتها محبت ڪندو آهي جنهن جو اظهرا حڪومتي سطح تي به ٿيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نقيب الله قتل ڪيس: جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد 10جوابدارن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے