22 پیر , اپریل 2019

ريلوي سيڪٽر جي ترقي پاڪ چين اڪنامڪ ڪوريڊور جي ڪاميابي کي يقيني بڻائيندي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ريلوي سيڪٽر جي ترقي چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور جي ڪاميابي کي يقيني بڻائيندي، چين جي سهڪار سان ريلوي جي موجوده نيٽ ورڪ کي اپ گريڊ، سروس بهتر بڻائي انقلاب آڻينداسين. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ شيخ رشيد چيو ته چين اسان جي مسئلن جو حل رکي ٿو، پاڪستان هميشه چين کي پنهنجو مخلص دوست قبوليندي عالمي سطح تي متعارف ڪرايو، هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ دوستي جو رشتو وڌيڪ گهرو ٿي رهيو آهي، چين جي ترقي بهتر منصوبابندي ۽ محاذ آرائي کان پاسي جو نتيجو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهرا ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي هماليه کان بلند آهي ۽ چين اسان جي مسئلن جو حل رکي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي هر آزمائش تي پوري لهندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئون ديرو ڀٽو هائوس تي ڇاپو، آصف زرداري جو ويجهو ساٿي گرفتار

نئون ديرو(ويب ڊيسڪ) نيب جي گڏيل جاچ ٽيم ڀٽو هائوس ۾ ڇاپي دوران اڳوڻي صدر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے