17 ہفتہ , نومبر 2018

حڪومت جو احتساب وارو عمل جاري رهندو، ڪنهن ڪرپٽ کي نه ڇڏينداسين: مراد سعيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مواصلات واري مملڪتي وزير مراد سعيد خان چيو آهي ته حڪومت جو احتساب وارو عمل جار رهندو، ڪنهن ڪرپٽ کي نه ڇڏينداسين، ڀارت ميري اک سان ڏٺو ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد سعيد چيو ته مخالف ڌر معاشي حالتن تي بحث جي لاءِ تجويز ڏئي ڀڄي وئي، دوست ملڪ مدد جي لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن. وزير اعظم عمران خان جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، پاڪستان جي دوست ملڪ گڏ بيٺل آهن ۽ مدد جي لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت هر هر سرحدي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي جڏهن ته بارڊر جي ڀرسان شهرين کي شهيد ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان پاڪستان گڏيل قومن ۾ پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Model Town case: SC to hear petition for formation of new JIT

ماڊل ٽائون سانحو: جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ نئين جي آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے