21 پیر , جنوری 2019

آءِ ايم ايف جي بجلي تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي تجويز، اگهه وڌڻ جو خدشو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جي وفد توانائي سڌارن واري پروگرام جي تحت نيون شرطون لاڳو ڪندي بجلي تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي تجويد ڏئي ڇڏي جنهن تي عملدرآمد جي صوت ۾ بجلي مهانگي ٿيڻ جو خدشو آهي. تفصيل موجب آءِ ايم ايف جي وفد جي پاور ڊويزن اختيارين سان ملاقات ٿي. اختيارين وفد کي بجلي جي پهچ ۽ ورڇ جي نظام ۾ سڌارن بابت آگاهه ڪيو جڏهن ته ٽيرف ۽ لائن لاسز ڪنٽرول تي به بريفنگ ڏني. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي وفد بجلي جي ورڇ وارين ڪمپنين جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان 14 نقطن واري سڌارن جي پروگرام تي اتفاق ڪيو هو پر توانائي جي سڌارن واري پروگرام تي عملدرآمد ناهي ڪيو ويو. آءِ ايم ايف وفد توانائي جي سڌارن واري پروگرام ۾ نيون شرطون لاڳو ڪندي بجلي جي قيمتن ۾ سبسڊي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيپال ۾ جهنگلي هاٿي عورت کي ماري وڌو

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۾ هڪ هاٿي عورت کي سندس گهر سامهون ئي ماري ڇڏيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے