15 جمعرات , نومبر 2018

اسٽارڪ، مچل مارش ۽ نيٿن ليون کي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان نيڪالي

ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته تجربيڪار رانديگرن مچل اسٽارڪ، مچل مارش ۽ نيٿن ليون کي اسڪواڊ مان ٻاهر ڪيو ويو آهي. پاڪستان خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ وائيٽ واش ٿيڻ کانپوءِ آسٽريلوي بورڊ ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت خلاف سيريز جي لاءِ ٽيم ۾ تبديليون ڪيون آهن. ڪينگروز بورڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي لاءِ اسڪواڊ ۾ فاسٽ بالر مچل اسٽار، نيٿن ليون ۽ مچل مارش کي شامل نه ڪيو. پاڪستان خلاف هاڻوڪي سيريز ۾ مچل اسٽارڪ جي غير موجودگي جي صورت ۾ اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهيندڙ پيٽر سڊل کي به ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان آئوٽ ڪيو ويو. تجربيڪار ٽيسٽ بالر جوش هيزل ووڊ ۽ پيٽ ڪمنز به مڪمل طور تي فٽ نه ٿي سگهيا، جنهن سبب کين به شامل ناهي ڪيو ويو. ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت خلاف 13 رڪني اسڪواڊ ۾ ڪپتان ايرون فنچ، ايلڪس ڪيري، گلين ميڪسويل، ايشٽن ايگر، جيسن بهرنڊروف، ڪرس لين، بين ميڪڊرموٽ، ڊارسي شارٽ، نيٿن ڪولٽر، بلي اسٽينليڪ، مارڪس اسٽونس، اينڊريو ٽاءِ ۽ ايڊم زمپا شامل آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے