15 جمعرات , نومبر 2018

سرفراز احمد روز ٽيلر جي حرڪت کي شرمناڪ قرار ڏئي ڇڏيو

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد سينيئر آل رائونڊر محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن تي دانهن ڪندڙ ڪيوي بيٽسمين روز ٽيلر تي ڏمرجي پيو. ابو ظهبي ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز احمد ڪيوي بيٽسمين جي ان حرڪت کي شرمناڪ قرار ڏئي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته محمد حفيظ جو بالنگ ايڪشن قانوني آهي، تنهن ڪري ئي آءِ سي سي کيس ڪليئر قرار ڏنو، مان روز ٽيلر جي ان حرڪت کي غلط ئي چوندس، ڇو ته اها هڪ شرمناڪ حرڪت آهي. هن چيو روز ٽيلر جو ڪم نه هو ته اهو امپائرن کي محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن بابت ٻڌائي، سندس ڪم بيٽنگ ڪرڻ هو ۽ ان تي ڌيان ڏئي ته بهتر اٿس. سرفراز موجب مان ٽيلر جي ان حرڪت بابت امپائرن کي به ٻڌايو ته اها حرڪت اسپورٽس مين شپ جي زمري ۾ نٿي اچي. قومي ڪپتان جو چوڻ هو ته روز ٽيلر هڪ پيشيوراڻو ڪرڪيٽر آهي، بالنگ ايڪشن تي ڳالهائڻ سندس نه پر امپائرن جو ڪم آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے