18 اتوار , نومبر 2018

ٻي ون ڊي ميچ: نيوزيلينڊ جو ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) ٻي ون ڊي مئچ ۾ نيوزيلينڊ جو ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ اڄ ابوظهبي ۾ کيڏي پئي وڃي. ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ڪيويز کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي. ابو ظهبي ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان کي 47 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 11 نومبر تي دبئي ۾ کيڏي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ابوظهبي ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن به بالرن جي نانءُ، ڪيويز جي شاندار واپسي

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) ابو ظهبي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ڪيوي ٽيم ڀرپور واپسي ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے