15 جمعرات , نومبر 2018

فارم هائوس تي غير قانوني اڏاوتون، سي ڊي اي اعظم سواتي کي نوٽيس موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سي ڊي اي وفاقي وزير اعظم سواتي کي فارم هائوس تي غير قانوني حددخلين ختم هٽائڻ لاءِ 5 ڏينهن جو وقت ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي، نيب ۽ آءِ بي جي گڏيل ڪميٽي به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي 14 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ سپريم ڪورٽ کي ڏيندي. سي ڊي اي جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اعظم سواتي فارم هائوس تي غير قانوني بيسمنٽ ٺاهي ۽ غير قانوني اڏاوتون ڪيون، 5 ڏينهن ۾ حددخليون نه هٽايون ويون ته سي ڊي اي پاڻ انهن جو خاتمو ڪندي. ايف آءِ اي پشاور جي ڊائريڪٽر مير واعظ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي اعظم سواتي جي فارم هائوس تي اڏاوتن جو جائزو ورتو، ان سان گڏوگڏ ملازمن ۽ گارڊن جا بيان قلمبند ڪيا ويا. ڪميٽي سي ڊي اي کان فارم هائوس جا سمورا تفصيل طلب ڪري ورتا. انڪوائري ڪميٽي ۾ نيب جو عرفان منگي ۽ آءِ بي جو احمد رضوان به شامل آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے