18 اتوار , نومبر 2018

اُسريل ملڪ به اينٽي بايوٽڪ خلاف مزاحمت ڪندڙ بيڪٽيريا جي نشاني تي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) طبي ماهرن چيو آهي ته بيڪٽيريا ۾ دوائن خلاف مزاحمت پيدا ٿيڻ سان اينٽي بايوٽڪ بي اثر ٿي رهيون آهن، جنهن سبب يورپ ۾ ئي فوتين جو انگ 30 هزار تائين پهچي چڪو آهي، جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي. رپورٽن موجب بيمارين جي روڪ ٿام لاءِ بيڪٽيريا اينٽي بايوٽڪ کي بي اثر ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر بنيادي تبديليون ڪيون آهن، جنهن سبب اهي دوائون هاڻي جراثيم مان پيدا ٿيندڙ بيمارين خلاف فائيمند ثابت نه ٿيون ٿين. تحقيق موجب 2007 کان هيل تائين بيڪٽيريا جي ڍانچي ۾ ظاهري تبديلي ڏٺي وئي آهي، جنهن سبب گذريل ڏهن سالن ۾ بيڪٽيريا ۾ اينٽي بائيوٽڪس خلاف مزاحمت پيدا ٿي وئي آهي، رڳو 2007 ۾ 25 هزار ماڻهو ان سبب موت جو شڪار ٿي ويا. انهن ماڻهن جي موت تي جاچ ڪميٽي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. طبي سائنس ۾ مزاحمت ڪندڙ نون بيڪٽيريا کي ”سپر بگ“ جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن ترقي يافتا ملڪن ان پاسي ڌيان نه ڏنو ته جراثيم 2050 تائين ڪروڙن ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي ويندا، ڇو ته تيستائين اهي انتهائي طاقتور اينٽي بائيوٽڪس جي خلاف به مزاحمت پيدا ڪري ڇڏيندا. ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته انقلابي قدم نه کنيا ويا ته انفيڪشن جو علاج ڪرڻ ناممڪن  ٿي ويندو ۽ صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي ويندي، ان ڪري جيتري جلدي ٿي سگهي ترقي يافتا ملڪ گڏيل ڪوششن سان هن خطرناڪ تباهي سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پراڻي ڪپڙن سان تعميراتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

سڊني(ويب ڊيس) آسٽريلي ماهرن پاڻ پراڻن ڪپڙن مان گهر ن جي تعميرکي به ممڪن بڻائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے