21 بدھ , نومبر 2018

فواد چوڌري سياسي خانه بدوش آهي جنهن جو ڪو به نظريو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري سياسي خانه بدوش آهي سندس نه ڪا پارٽي آهي ۽ نه ئي ڪو نظريو. سڌُ سماءَ واري وزير فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي مسلم ليگ ن جي ترجمان جو چوڻ هو ته حڪومتي رويي تي پارليامينٽ جو سيشن هڪ ڏينهن به صحيح نموني نه هلي سگهيو، پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو حڪومت پنهنجي ئي طلب ڪيل اجلاس ۾ ڪورم جي نشاندهي ڪئي، حڪومت وٽ ڪنهن معاملي ۾ ڪا به حڪمت عملي ۽ ويزن ناهي. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته سڌُ سماءَ وارو وزير پاڻ سياسي خانه بدوش آهي، هن جي نه ته ڪا پارٽي آهي ۽ نه ئي ڪو نظريو. هو پارليماني روايتن ۽ قدرن کان اڻ واقف آهي، سياسي خانه بدوشن جي نااهل حڪومت مخالفن کي ڪالر مان جهلڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، توهان پنهنجي ڪالر ۾ ڏسو توهان پڪا چور، عادي ڪوڙا ۽ نامزد جوابدار آهيو، ٻين کي چور چور چوندا آهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے