18 جمعہ , جنوری 2019

آمريڪا جو افغان امن ڳالهين ۾ شرڪت جو اعلان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا افغان امن ڳالهين جي لاءِ روسي ميزباني قبول ڪندي ڳالهين واري عمل ۾ شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سمورن ملڪن کي افغان حڪومت ۽ طالبان جي سڌين ڳالهين جي حمايت ڪرڻ گهرجي. اسٽيٽ ڊيپارٽمينٽ جو هڪ نمائندو ماسڪو ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته واشنگٽن افغان حڪومت سان ڳالهين بعد اِهو فيصلو ڪيو. روس جي ميزباني ۾ 9 نومبر تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ افغان حڪومت ۽ طالبان سميت 10 ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪندا. ڪجهه عرصو اڳ افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل جان نڪولس پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته آمريڪا افغان حڪومت يا عوام جو متبادل ناهي ان ڪري ڳالهين جو عمل بدستور افغان قيادت جي تحت هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب روينيو اورنج لائن منصوبي تي 21 ارب رپين جي ٽيڪس لڳائي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب روينيو اٿارٽي اورنج لائن منصوبي تي 21 ارب رپيه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے