21 بدھ , نومبر 2018

عافيه کي ضرور واپس اچڻ گهرجي، فوزيا جو بيان تڪرار پيدا پيو ڪري: فيصل واوڊا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آبي مسئلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي کي ضرور واپس اچڻ گهرجي پر فوزيا صديقي جا بيان تڪرار پيدا ڪري رهيا آهن. فيصل واوڊا خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ سعودي عرب جي دوري بابت ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب امدادي پيڪيج ۾ ڪا به شرط لاڳو ناهي ڪئي. پاڻي جي مسئلي تي ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته ڊيم 40 سال پهرين بڻجڻ گهرجن ها پر ڪنهن به ان معاملي تي ڌيان ناهي ڏنو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو ته سڄي قوم جي خواهش آهي ته عافيه صديقي واپس اچي ۽ ان معاملي تي سموريون پارٽيون حڪومت سان سهڪار ڪنديون. تحريڪ انصاف جي 50 لک گهرن جي تعمير واري منصوبي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي ته نئين پاڪستان جي هائوسنگ اسڪيم ۾ سڄي تحريڪ انصاف جيل ۾ ويندي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر جو ان حوالي سان چوڻ هو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ بهتري تائين عافيه صديقي جي معاملي تي اڳڀرائي نٿي ٿي سگهي. پ پ اڳواڻ چيو ته ٽن ڏينهن کان پارليامينٽ ۾ جيڪو ماحول هلي پيو اُتي عوامي ايشوز تي ڪا به ڳالهه نٿا ڪري سگهون، پارٽي قيادت به غلط ٻولي استعمال ڪرڻ وارن کي شاباسي نه ڏئي. آسيه بي بي جي آزادي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته هڪ جٿو سڄي پاڪستان کي مذهب جي نالي تي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، موجوده معاملي تي سمورين سياسي پارٽين کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. ان جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته وزير اعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته ڀرپور ڪارروائي ٿيندي پر جمعي تي ٿيل معاهدي ۾ حڪومت سرينڊر ٿي هئي. هن چيو ته ڪجهه به نه ته گهٽ ۾ گهٽ معاهدي ۾ اِهو ته لکرايو ها ته احتجاج جي دوران ڏنل فتويٰ غلط هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے