20 منگل , نومبر 2018

شهباز شريف جي وڌيڪ ڪيسن ۾ به گرفتاري ٿيندي: ڊي جي نيب لاهور

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊي جي نيب لاهور شهزاد سليم چيو آهي ته سوال ڪڻڪ جو هجي ته جواب چڻي جو هوندو آهي، سوال ڪيون ته چوندا آهن اسان وڏي خدمت ڪئي، نيب جي سوال جو جواب نه هجي ته شهباز شريف چُپ رهندو آهي، آشيانا ڪيس مڪمل آهي، نومبر جي آخر ۾ نيب هيڊ ڪوارٽر کي موڪلي ڇڏينداسين. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شهزاد سليم چيو ته منهنجي خيال ۾ شهباز شريف جي وڌيڪ ڪيسن ۾ به گرفتاري ٿيندي، نيب چيئرمين خواجا ڀائرن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، 14 نومبر تي عدالت کي گرفتاري وارنٽ جو ٻڌائي ڇڏينداسين، سعد ۽ سلمان رفيق کي عدالت ۾ ئي گرفتار ڪنداسين. هن انڪشاف ڪيو ته پيراگون هائوسنگ اسڪينڊل ۾ جنهن کي شاهدي لاءِ گهرائيندا آهيون اهو گم ٿي ويندو آهي، بهانا ڳوليا ويندا آهن، پيراگون ڪيس ۾ نيب وڏا ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن. سندس چوڻ هو ته نيب ڪنهن جو پٽڪو لاهي اڇلائيندو ناهي، هڪ دائري ۾ رهي ڪم ڪندو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے