11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ| سن: گرلس پرائمري اسڪول لاکا ۾ ماسترياڻين ۽ فرنيچر جي کوٽ خلاف ڌرڻو

سن  ويجهو  گرلس پرائمري اسڪول لاکا ۾ ماسترياڻين ۽ فرنيچر جي کوٽ خلاف اسڪول جي شاگردياڻين احتجاجي مظاهرو ڪري اسڪول جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو.

اسڪول جي شاگردياڻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسڪول ۾ 400 سئو شاگردياڻيون داخل آهن پر هڪ هيڊ ماسترياڻي ۽ ٽي ماسترياڻيون مقرر ٿيل  آهن، اسڪول ۾  فرنيچر ڪونهي جنهن سبب  هو  پٽ تي ويهي پڙهڻ تي مجبور آهن.

هنن مطالبو ڪيوته اسڪول ۾ ماسترياڻين ،فرنيچر جي کوٽ ختم ڪري پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪري شاگردياڻين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

ٻئي طرف  ٽي اي او ڪيمپس مانجهند شوڪت علي قريشي ٻڌايو ته لاکا جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر، ماسترياڻين سميت ٻيا به مسئلا آهن پر هو پهرين ڪوشش  فرنيچر  جي ڪندو

رپورٽ-ساگر سولنگي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے