21 بدھ , نومبر 2018

رپورٽ| سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران تيل ڪمپنين جي فنڊن بابت تفصيل طلب

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي ۾ پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ ( پي پي ايل) کان علائقي جي ترقي لاءِ ڏنل فنڊز بابت پي پي ايل پاران پيش ڪيل رپورٽ کي رد ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران ڏنل فنڊز ۽ انهن جي استعمال بابت تفصيلي رپورٽ 21 نومبر تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

عدالت  سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ تيل ۽ گئس ڪمپنين علائقي ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ فنڊز ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ بابت داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت پي پي ايل جي انتظاميه کي پڻ لاڳاپيل علائقن جي ترقي ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بابت  سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل درآمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو .

عدالت ڄاڻايل درخواستن جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته قمبر شهداد ڪوٽ سميت مختلف ضلعن جا ڊي سي، تيل گئس ڪمپنين جي انتطاميه ۽ متاثر ماڻهون وڏي تعداد ۾ پيش ٿيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمھر: سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

خانپورمھر  ۾ سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے