17 ہفتہ , نومبر 2018

ميرپور خاص ۾ گندگي وڌي وئي، گٽر رستن تي اٿلي پيا

سنڌ جي چوٿين وڏي شهر ميرپورخاص جي بلديا ٽائون، سول اسپتال، جرواري شاخ، ريلوي اسٽيشن، بورڊ آفيس ۽ کپرو اسٽينڊ سميت شهر جي مختلف علائقن جي گٽرن جِي ڪيترن ئي مهينن کان صفائي نه ٿيڻ ڪري گٽرن جو گندو پاڻي  اُٿلڻ بعد شهر جي گهٽين ۾ بيهڻ سبب شهري اڳ  ئي  پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته موسميات کاتي هلندڙ مهيني دوران آبڪلاڻي جي مند جي اڳڪٿي ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ ميونسپل انتظاميا برساتن کان اڳ گٽرن جي صفائي جي نظام کي بهتر نه ڪيو ته برساتن دوران  گٽرن  جو گندو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ جو انديشو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته ميونسپل جا ملازم پنهنجون  ڊيوٽيون ڪرڻ بجاءِ  گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن. ميونسپل انتظاميا کي گهرجي ته  آبڪلاڻي جي مند کان اڳ ئي شهر جي  گندي پاڻي جي نالن جي صفائي ڪرائي وڃي  ته جيئن برساتن جي امڪاني تباهه ڪارين کان بچي سگهجي.

رپورٽ : هاشم شر

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ميرپورخاص: راڻي ٽائون جي رهواسڻ ناري رڌ پچاءُ ڪندي چلهي مان باهه لڳڻ سبب سڙي پئي

ميرپورخاص ويجهو ڊگهڙي شهر جي راڻي ٽائون  جي رهواسڻ ناري رڌ پچاءُ ڪندي چلهي مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے