18 اتوار , نومبر 2018

سام سنگ پنهنجي پهرين فولڊنگ فون جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

Samsung folding smartphone revealed to developersسان فرانسسڪو( ويب ڊيسڪ ) جيتوڻيڪ ڪافي عرصي کان سام سنگ جي باري ۾ افواهون اچي رهيون هيون ته هو تمام جلد فولڊ ايبل سمارٽ فون پيش ڪري رهيو آهي، پر هاڻ ان جو باظابطا اعلان سام سنگ ڊويلپر ڪانفرنس ( ايس ڊي سي ) ۾ هن سان ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ مشهور چيني ڪمپني رويول نه رڳو دنيا جي پهرين فولڊنگ سمارٽ فون جا مڪمل تفصيل جاري ڪيا هئا پر ڊسمبر باظابطا طور وڪرو جو اعلان به ڪيو ويو هو.شايد اهو ئي سبب آهي جو سام سنگ پنهنجي پهرين فولڊنگ پورٽوٽائيپ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. سمارٽ فون کي ڪتاب جيان کوليو وڃي ته اسڪرين پکڙجي 7.3 انچن تائين وسيع ٿي ويندي آهي. ان کي ٺاهڻ لاءِ ڪمپني هڪ نئون انٽرفيس بڻايو آهي جنهن کي ون يو آءِ جو نالو ڏنو ويو آهي. اهڙي طرح ڪا به هلندڙ ايپ فون کلندي ئي اندروني اسڪرين تائين منتقل ٿي ويندي آهي. انفنيٽي فليڪس ڊسپلي ۾ هڪ وقت ۾ ٽه ايپس هلائي سگهجن ٿيون. توهان ويڊيو ڏسندي فيسبڪ تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿا يا گوگل ميپ تي پنهنجي منزل جي ڳولا ڪري سگهو ٿا. سام سنگ ان فن جو تصويرون گهٽ روشني ۾ جاري ڪيون آهن ۽ تجزيه نگارن موجب شايد سام سنگ ان جا سمورا تفصيل ظاهر ڪرڻ نٿو چاهي ڇاڪاڻ جو تصويرون ۾ رڳو اسڪرين ئي نظر اچي رهي آهي. سام سنگ چيو آهي ته شيشي جي اسڪرين ان قسم جي فون لاءِ هرگز ڪارائتي ناهي ان لاءِ ڪمپني هڪ نئون مٽيريل تيار ڪيو آهي جيڪو ڪمپوزيٽ پاليمر مان ٺاهيو ويو آهي جيڪو هڪ ئي وقت ۾ لچڪدار ۽ مضبوط پڻ آهي. ان ۾ هر طرح جي جهٽڪن ۽ شاڪ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي جڏهن ته ولرائزد عمل سان ڊسپلي ظاهر ٿيندو آهي ۽ هزارين لکين ڀيرا فولڊ هئڻ باوجود اسڪرين خراب ناهي ٿيندي. ان موبائيل تي انيڊرائيڊ 9 جي مقابلي جهڙو آپريٽنگ سسٽم هلندو آهي. جڏهن ته اهو فون هن سال واهپيدارن لاءِ موجود نه هوندو ڇاڪاڻ جو سام سنگ اڃان تائين باظابطا طور ان جي تياري شروع ناهي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پراڻي ڪپڙن سان تعميراتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

سڊني(ويب ڊيس) آسٽريلي ماهرن پاڻ پراڻن ڪپڙن مان گهر ن جي تعميرکي به ممڪن بڻائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے