13 جمعرات , دسمبر 2018

اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ضمني ريفرنس جي ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي

ishaq dar's asset over-asset references hearing on November 14 Referenceاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ضمني ريفرنس جي ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ضمني ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. فريادي ڌر جي شاهد طارق جاويد کان قاضي مصباح آڏي پڇا ڪئي. شاهد طارق جاويد ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت کي ٻڌايو ته نيب سڌ سنئون کيس ڪو به خط ناهي لکيو جنهن تي قاضي مصباح سوال ڪيو ته ڇا 23 آگسٽ 2017 تي توهان نيب جي آفيس ويا هئا؟ جنهن تي فريادي ڌر جي شاهد جواب ڏيندي چيو ته نه، مان ان ڏينهن هڪ ڀيرو نيب جي آفيس ويو هيس، نيب پراسيڪيوٽر چيو ته شاهد جو پاڻمرادو بيان ڪڍرائي ٿا وٺون، مونجهارا پيدا ڪري رهيو آهي. جنهن تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير چيو ته پاڻمرادو بيان هئڻ نه گهرجي ان جي جاءِ تي ري ايگزامن هئڻ گهرجي. جنهن تي وڪيل جج محمد بشير جي ڳالهه جي حمايت ڪندي چيو ته توهان صحيح پيا چئو، شاهد جو بيان ختم ٿيڻ تي فريادي ڌر جو ڪم ٿي ويندو آهي. قاضي مصباح چيو ته آڏي پڇا ۾ شاهد کي رڳو اهو ئي ٻڌئڻو پوندو آهي جيڪو کائنس پڇو ويندو آهي، فريادي ڌر جي  شاهد جو چوڻ هو ته  سندس فراهم ڪيل ڪورنگ ليٽر جي بنياد تي جاچ ڪندڙ ڪورنگ ميمو بڻايو. جنهن کانپوءِ احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ضمني ريفرنس تي ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي به فريادي ڌر جي شاهد کان  سعيد احمد جو  وڪيل آڏي پڇا ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے