18 اتوار , نومبر 2018

فيسبڪ طرفان ميسنجر ۾”اَن سينڊ“ فيچر متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

Facebook to roll out ‘unsend’ feature in Messengerڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) سوشل ميڊيا جي مشهور ويب سائيٽ فيسبڪ پنهنجي ميسنجر ۾ ”اَن سينڊ“ فيچر متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ذريعي غلطي سان موڪليل پيغام يا تصوير کي 10 منٽن اندر ڊيليٽ ڪرڻ ممڪن هوندو. رپورٽن موجب اهو فيچر فيسبڪ ميسنجر جي ايندڙ اَپ ڊيٽ جو حصو هوندو.

Facebook to roll out ‘unsend’ feature in Messenger

واضح رهي ته فيسبڪ جي ٻين ايپس انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ ۾ پيغامن کي هڪ مخصوص وقت اندر ڊيليٽ ڪرڻ وارو آپشن اڳواٽ ئي موجود آهي، پر سوشل ميڊيا جي مشهور ترين ويب سائيٽ فيسبڪ جي ميسنجر ايپ ۾ اها سهولت موجود ناهي. في الحال فيسبڪ ميسنجر ۾ پيغام ڊيليٽ ڪرڻ جو تمام محدود ورزن موجود آهي، جنهن ذريعي رڳو جنهن شخص ڏانهن پيغام موڪليو پيو وڃي اهو ئي ان کي ڊيليٽ ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو فيسبڪ واهپيدارن طرفان اَ سينڊ فيچر لاءِ ڪافي عرصي کان مطالبو ڪيو پئي ويو. واضح رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو هو ته فيسبڪ جي باني مارڪ زڪربرگ وٽ ذاٽي پيغامن کي ڊيليٽ ڪرڻ جو ڳجهو آپشن موجود آهي ۽ هاڻ فيسبڪ اهو فيچر سمورن واهپيدارن کي فراهم ڪرن جو فيصلو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پراڻي ڪپڙن سان تعميراتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

سڊني(ويب ڊيس) آسٽريلي ماهرن پاڻ پراڻن ڪپڙن مان گهر ن جي تعميرکي به ممڪن بڻائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے