18 اتوار , نومبر 2018

سنڌوءَ مان تونسا کان گڊوءَ وچ ۾ پاڻي چوريءَ جو معاملو

ٻه ڏينهن ٿيندا ته ايوان زارعت سنڌ جو اجلاس جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڀرڳڙيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو هو جنهن ۾ هُن خطاب ڪندي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ بابت انتهائي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو هيو، سندس چوڻ هو ته  سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ربيع ۽ چيٽ مندن ۾ ڪڻڪ جو فصل 50 سيڪڙو گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سان ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽيءَ جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو، هن وقت به ٻن مکيه ڪئنالن روهڙي ۽ نارا ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 50 سيڪڙو کان مٿي ٿي وئي آهي ۽ گذريل ويهن سالن ۾ اهو پهريون دفعو آهي جو سنڌ جي انهن  ٻنهي ڪئنالن  ۾ وارا بندي ٿي آهي.

سنڌوءَ مان پاڻيءَ جي چوريءَ جو معاملو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو آهي جنهن جي تاريخ گذريل 200 سالن تائين ڦهليل آهي، ايتري قدر جو انگزيزن جي ننڍي کنڊ ۾ اچڻ بعد هُن جن ٻين معاملن تي ڪيئي ڪميشنون ۽ ڪميٽيون قائم ڪيون هيون انهن مان سنڌوءَ مان پاڻيءَ جي چوريءَ جو مامرو پڻ هڪ آهي، انگريزن جي جوڙيل اهڙين ڪيئي ڪميٽين ۽ ڪميشنن جو آخر ۾ جيڪو به فيصلو ٿيندو هو، ان ۾ اهو ئي چيو ويندو هو ته سنڌوءُ جي پاڻيءَ تي پهريون حق سنڌ جو آهي. ان وقت انگريزن وٽ سنڌ جي جاگرافيائي جو عملي خاڪو پنج نند تائين هو ۽ اڄوڪو سرائڪي علائقو جيڪو پاڪستان ٺهڻ بعد پنجاب ۾ ڏيکاريو ويو هو، ان کي انگريز انتظامي حوالي سان “ڏکڻ سنڌ” چوندا هيا جيڪو علائقو سنڌ جو علائقو تسليم ٿيل هو.

اسان اهو سمجهڻ کان قاصر آهيون ته سنڌ ۽ پنجاب سميت سمورن صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ متعلق ڪيئي ٺاهه ٿيل آهن، جن مان آخري ٺاهه 1991ع وارو پاڻي ٺاهه آهي جنهن کي ”1991ع وارو وزارتي ٺاهه“ به چيو وڃي ٿو جنهن ۾ به بعد ۾ ڪافي ڦيرڦار ڪري سنڌ جي پاڻيءَ جو حصو گهٽايو ويو. پاڻيءَ جي ورچ متعلق انڊس ريور ريگيوليٽري اٿارٽي ”ارسا“ پڻ قائم آهي، معاهدن، اٿارٽين ۽ سنڌوءَ جي پڇڙيءَ واري آبادگار هجڻ جي حق واري صورتحال هوندي به سنڌ کي پنهنجي پاڻيءَ جو حصو ڇو نه ٿو ڏنو وڃي، نه فقط صورتحال انهيءَ حد تائين افسوس ناڪ آهي پر ان کان اڳتي وري سنڌ مٿان پاڻيءَ جي چوريءَ ۽ پاڻيءَ جي ذيان جو الزام پڻ آهي.

سنڌوءُ مان پاڻيءَ جي چوريءَ متعلق اڳ ته سنڌ جا آبادگار، هاري ناري ۽ سنڌي قومي سوال تي جدوجهد ڪندڙ پارٽيون احتجاج ڪنديون هيون ۽ پاڻيءَ جي چوريءَ خلاف ثبوتن سان ڪيس پيش ڪنديون هيون جن کي غدار ۽ ملڪ دشمن چئي ڪارروايون ڪيون وينديون هيون، پر هاڻي ته ٻن حڪمران پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ۽ تحريڪ انصاف مرڪز  ۾ سنڌوءَ مان پاڻي جي چوريءَ تي سخت احتجاج ڪيو آهي،

اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي سکر بئراج جو دورو پڻ ڪيو آهي، دوري وقت هُن صحافين سان ڳالهئيندي چيو ته سکر بئراج  ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 38 سيڪڙو تي پهتي آهي ۽ ايندڙ ڏيڍ مهيني ۾ اڃا گهٽتائي ٿيندي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ارسا موجب پاڻي گهٽتائي 38 سيڪڙو آهي پر تونسا کان گڊو بئراج تائين سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو نارمل کان انتهائي گهٽ آهي جنهن جي جانچ لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. پاڻيءَ جي کوٽ ڪري جنوري ۽ فيبروريءَ تائين وڌيڪ مشڪلات پيش اچي سگهي ٿي، اسان چاهيون ٿا ته ڪئنالن کي ضرورت موجب جائز پاڻي ڏنو وڃي. سنڌوءُ مان پاڻيءَ جي چوري متعلق هاڻي نه صرف سنڌ حڪومت پنهنجي موقف ۾ سختي ۽ تلخي آندي آهي پر ڪجهه عرصو اڳ تحريڪ انصاف جي  سنڌ کي پاڻيءَ جو چور چوندڙ آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا پڻ قومي اسيمبليءَ ۾ سنڌوءَ مان پاڻيءَ جي چوريءَ جو نوٽس ورتو آهي ۽ سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.

قومي اسمبليءَ جي اجلاس دوران جڏهن سنڌ کي پاڻيءَ جو جائز حصو نه ملڻ بابت پيپلز پارٽي جي توجهه ڏياريو نوٽيس تي ڪارروائي ٿي ته ان دوران تحريڪ انصاف جي آبي وسيلن بابت وزير فيصل واوڊا سنڌ جي پاڻيءَ جي چوريءَ جو ذميوار (ن ) ليگ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته نواز شريف ٻين صوبن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ۽ سندن پاڻي چوري ڪيو، فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته مان ايوان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته گذريل دور ۾ ڪيل پاڻي جي چوري پڪڙي چڪو آهيان، ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي اعتراض واريندي چيو ته حڪومت ۾ شامل ماڻهن جي ايمانداري ڄاڻان ٿو، سنڌ ۽ بلوچستان جو پاڻي چوري ڪري پنجاب کي ڏيڻ وارو انڪشاف ڳڻتي جوڳو آهي، جنهن جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي وڃي. ان جي موٽ ۾  فيصل واوڊا چيو ته پنجاب جو نالو ناهي ورتو، ڪميٽي جي ضرورت ناهي، مان پاڻ ان جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندس.

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هاڻي پنهنجي انتها تي پهتي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي زرعي معيشت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي جنهن جا منفي اثر هاڻي سنڌي سماج تي پڻ واضع ڏسي سگهجن ٿا، سوال هي نه آهي ته پاڻيءَ جي کوٽ قدرتي آهي، يا هٿرادو آهي، سوال هي آهي ته سنڌ هن ملڪ جي وفاق جو هڪ “ يونٽ” آهي، جيڪڏهن ڪي فائدا ملڪ جي چئي صوبن کي پون ٿا ته نقصان به چئني صوبن کي پوڻ گهرجن. پاڻيءَ جو معاملو اهڙو آهي جيڪو ملڪ جي چئني صوبن سان لاڳاپيل آهي، پر ان ڏس ۾ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سڄي ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ بابت هُل ڪيو وڃي ٿو ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جو نقصان رڳو سنڌ کي پوڳڻو پوي ٿو، پنجاب ڪڏهن به نه ته پاڻيءَ جي کوٽ جي دانهن ڪئي آهي ۽ نه ئي کوٽ متعلق ڪو احتجاج ڪيو آهي، پاڻيءَ جي کوٽ ڀل هُجي پر پنجاب جا سمورا واهه، فلڊ ڪئنال ۽ ريگيولر ڪئنال پيا وهندا آهن ۽ سنڌوءَ مان مختلف مشينن، ٻنڊن ۽ ٻين ذريعن وسيلي پاڻي چوري ٿيندو رهيو آهي.

ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کان رڳو سنڌ متاثر ٿيندي ۽  پنجاب جا بمپر فصل ٿيندا، پنجاب ۾ ٿيندڙ بمپر فضل انهيءَ ڳالهه جي واضع شاهدي آهن ته سنڌ جي حصي جو پاڻي ڪٿي ٻئي هند خرچ ٿئي ٿو، جنهن جي جانچ وٺڻ ضروري آهي. سنڌ جي عوام جو اهو مطالبو رهيو آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪيا وڃن ۽ سنڌ کي معاهدن موجب سندس حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، جڏهن ته هاڻي سنڌ جي ڪيئي آبادگار تنظيمن ۽ ڌرين جن ۾ سياسي ڌريون به شامل آهن، وٽان مطالبو ٿي رهيو آهي ته سنڌ کي پاڻيءَ جي چوريءَ جي نتيجي ۾ جيڪو به ذريعي معيشت جو نقصان ٿي رهيو آهي ان جو ازالو ڪيو وڃي.

اسين انهيءَ خيال جا آهيون ته سنڌ حڪومت سنڌ جي پاڻيءَ جي کوٽ جي معاملي تي سخت موقف اختيار ڪري ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڪا ڪميٽي ڪو فورم جوڙي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي آبادگارن جي مطالبن ۽ گهرجن متعلق پڻ سنجيدگيءَ سان سوچي ۽ کين پاڻيءَ جي کوٽ سبب ٿيندڙ زرعي نقصان جو عيوضو ادا ڪري.

جمعو 9 نومبر 2018ع، 30 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے