18 جمعہ , جنوری 2019

روس ۾ افغان امن ڳالهيون اڄ کان شروع

Afghan peace talks kick-off in Moscowماسڪو( ويب ڊيسڪ) روس جي ميزباني ۾ 17 سالن کان هلندڙ افغان جنگ جي خاتمي لاءِ امن ڳالهين جي شروعات اڄ کان ٿي وئي آهي جنهن ۾ آمريڪا، چين، پاڪستان ۽ ڀارت سميت 12 ملڪن جا وفد شرڪت ڪري رهيا آهن. پرڏيهي خابرو جي رپورٽ موجب افغانستان ۽ طالبان کي 17 سالن کان جاري افغان جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ ۽ ڪنهن امڪاني حل طرف پهريون قدم وڌائڻ لاءِ روس گهڻ ڌري ملڪن تي ٻڌل امن ڳالهين جو  انعقاد ڪيو آهي. روس کي  امن ڳالهين جي انعقاد جي اعلان کانپوءِ آمريڪا سميت مختلف ملڪن جي طرفان امن بابت ڳالهين کي ملتوي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو پر ان باوجود روسي صدر والاديمير پيوٽن انهن ملڪن کي شرڪت ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو. طالبان طرفان به 6 نومبر تي اعلان ڪيو ويو هو ته قطر ۾ مقيم طالبان جي هڪ وفد کي روس موڪليو ويندو جيڪو افغان جنگ جي خاتمي لاءِ تجويز پيش ڪندو  روس  امن ڳالهين لاءِ ڪافي پر اميد نظر اچي رهيو آهي، آمريڪا ۽ ڀارت کي ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ راضي ڪرڻ کي هڪ وڏي ڪاميابي تصور ڪيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

9\11  حملن ۾ بچي ويندڙ امريڪي شهري ڪينيا ۾ دهشتگرد حملي ۾ مارجي ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)امريڪا ۾ 11/9 حملن دوران بچي ويندڙ امريڪي شهري ڪينيا ۾ دهشتگرد حملن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے