22 جمعرات , نومبر 2018

سنڌ جي سلامتي ۽ وحدت جي تاريخي اهميت

( ڪراچي رپورٽر ) ليکڪ ۽ دانشور جامي چانڊئي چيو ته سنڌ جي وحدت ڪراچي سنڌ جو ساهه آهي.سنڌ جي تهذيب اٺ هزار سال قديم آهي.راجا ڏاهر جو دور سنڌ جو سونهري دور هو.اٺين صدي ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي عربن جي ڪاهه سنڌ لاءِ هڪ وڏو قومي حادثو هو. عربي ٻولي کي مذهب سان جوڙي سنڌي ٻولي مٿان مصلحت ڪيو ويو. ڪراچي کي بچائڻ صدين جو تسلسل آهي.شاهه عنايت تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو.هو پنهنجي دور جو انقلابي ماڻهو هو راجا ڏاهر سنڌ جو سورمو هو.جنهن پنهنجي وطن سنڌ لاءِ سر ڏنو.اهڙو اظهار عوامي آواز ٽي وي جي هفتيوار پروگرام پينل انٽرويو ۾ ليکڪ ۽ دانشور جامي چانڊئي ڪيو.پينل ۾ سماجي ڪارڪن مخدوم شمس ،صحافي سارنگ زين چانڊيو ۽ سياسي ڪارڪن منير چانڊيو پڻ موجود هئا. سنڌو تهذيب جو ذڪر مهاڀار کان به وڌيڪ قديم آهي.عربن جو حملو رڳو مال غنيمت لاءِ نه پر هڪ شاندار تهذب تي هو.ان حملي سان سنڌي قوم پنهنجي حڪمراني وڃائي ويٺي.عربن جي دور ۾ سنڌي شاعري ۽ ادب کي به تباهه ڪيو ويو.عربي ٻولي کي مذهب سان جوڙي سنڌي ٻولي مٿان مصلحت ڪيو ويو. جڏهن ته اسان کي هزارين سالن جي تهذيب جا نشان ملن ٿا پر عربن جي دور ۾ سنڌي ادب ۽ شاعري نٿي ملي.جنهن جا پيرا به عرب سامراج ڏي وڃن ٿا.عربن کان پوءِ سنڌ جو پنج سو سال شاندار دور هيو.جنهن ۾ ادب ۽ شاعر تي وڏو ڪم ٿيو.ان ئي دور ۾ سنڌ جا ايران ۽ ٻين ملڪن سان لاڳاپا پڻ جڙيا.جوهي شهر ۽ ٿر ۾ جين مذهب جا مندر ملن ٿا.جنهن جو مطلب اهو ٿو ته سنڌ ڌرتي تي جين مت جا پوئلڳ موجود هئا.تهذيبن جا مرڪز شهر ئي هيا.سنڌ جو الميو اهو آهي ته جيڪي به شهر تهذيب جو اهڃاڻ هئا اهي ارغُونن جي دور ۾ تباهه ڪيا ويا.ڪراچي کي بچائڻ صدين جو تسلسل آهي.شاهه عنايت تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو.هو پنهنجي دور جو انقلابي ماڻهو هو.تصوف کان اڳتي سوچيندڙ هو.شاهه عنايت جي سنڌ حڪمران طبقن جي سنڌ نه هئي.سنڌ جي وحدت کي وڏو نقصان ميرن جي دور ۾ لڳو.ان دور ۾ سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو.ميرن جي دور ۾ سنڌي هندن سان ظلم ڪيا ويا.نتيجي ۾ سنڌ هندو هن خطي ۽ علائقي سان جڙي نه سگهيو.1843 ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪيو،چئن سالن کي پوءِ سنڌ کي بمبئي سان زوري شامل ڪيو ويو.جنهن جو سبب معاشي ڦرلٽ هئي.جيئين سنڌ جي حاڪميت ختم ڪري سگهجي.سر هرچندراءِ وشنداس پهريون ماڻهو هو جنهن سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي.سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو هاڃو پاڪستان ۾ شموليت هئي.ورهاڱي ۾ لڏپلاڻ جو ذڪر ئي نٿو ملي.اها مسلم ليگ جي سازش هئي.ستر سالن جي عرصي کان پوءِ به اويڪيو پراپرٽي قانون موجود آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ميرپورخاص : جيل ۾ قيدر پرا سرار نموني فوت

*ميرپورخاص ۾ ڊسٽرڪٽ جيل اندر 57 ورهين جو قيدي پر اسرار نموني  فوت ٿي ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے