23 ہفتہ , فروری 2019

پي اي سي جي چيئرمين جي مقرري، وزير اعظم خواجا آصف جو نالو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي چيئرمين جي مقرري تي وزير اعظم عمران خان خواجا آصف جو نالو رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مني لانڊرنگ ۾ملوث شخص کي اهم عهدو ڪيئن ٿا ڏئي سگهون. تفصيل موجب حڪومتي پارٽي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي چيئرمين جي مقرري تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف جي نالن تي غور ڪيو ويو، وزير اعظم عمران خان خواجا آصف جو نالو رد ڪري ڇڏيو. خواجا آصف جو نالو بحث هيٺ آڻڻ تي وزير اعظم عمران خان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مني لانڊرنگ ۾ ملوث شخص کي اهم عهدو ڪيئن ٿا ڏئي سگهون. وزير اعظم خواجا آصف جي نالي تي ڳالهين کان به روڪري ڇڏيو ۽ چيو ته خواجا آصف جي نالي تي ڪنهن قسم جي ڳالهه نه ڪئي وڃي، پي اي سي چيئرمين جي لاءِ شهرت جي پارليمنٽرين کي ترجيح ڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جو لائن آف ڪنٽرول جو دورو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪري پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے