20 بدھ , فروری 2019

حڪومت بلاول کي پي اي سي جو چيئرمين بڻائڻ جي آڇ ڪئي: پيپلز پارٽي جي دعويٰ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت بلاول ڀٽو کي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي (پي اي سي) جو چيئرمين بڻائڻ جي آڇ ڪئي جنهن کي بلاول رد ڪيو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي دعويٰ ڪئي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ وفاقي وزير چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو چيئرمين بڻجڻ جي آڇ ڪئي هئي پر بلاول ڀٽو آڇ قبول ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي. فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته مخالف ڌر ليڊر کي چيئرمين پي اي سي بڻائڻ جي روايت اسان وڌي، هاڻ اسان پنهنجي ئي روايت جي پاڻ ڀڃڪڙي ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟ ان ڪري مخالف ڌر اڳواڻ ئي چيئرمين پي اي سي بڻجي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے