18 اتوار , نومبر 2018

چين هٿرادو ذهانت رکندڙ دنيا جو پهريون ڊيجيٽل نيوز ڪاسٽر متعارف ڪرائي ڇڏيو

The 'world's first' A.I. news anchor has gone live in Chinaبيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چين ۾ مصنوعي ذهانت ۽ ايني مشين مان تيار ڪيل دنيا جي اهڙي پهرين نيوز ڪاسٽر خبرون پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو جيڪو  رڳو ڪمپيوٽر ۾ ئي موجود هوندو آهي پر سندس لهجو ۽ خبرون پڙهڻ جو انداز حقيقي نيوز ڪاسٽر جيان نقل ڪيو ويو آهي. ويڊيو شروع ٿيندي ئي روبوٽ نيوز ڪاسٽر پنهنجي خبرن ۾ چوي ٿو ته هيلو ايوري ون آءِ ايم اين انگلش آرٽيفيشل انٽيليجنس اينڪر، دس ازمائي فرسٽ دي ان زنهوا نيوز ايجنسي. ان کانپوءِ مجازي نيوز ڪاسٽر پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرائيندو آهي. ان روبوٽ کي گهڻي حدتائين بنهه حقيقي نيوز ڪاسٽر جيان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڏسي چيني ماهرن جي ذهانت کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. ۽ ان کي ڏسي اهو بلڪل هڪ مڪمل اصل انسان محسوس ٿئي ٿو ، پر هي هڪ روبوٽ آهي.رپورٽن موجب، چين جي سرڪاري خابرو اداري زنهوا پهريون ڀيرو ان کي متعارف ڪرايو آهي ۽ تنهنڪري چيني اينڪر جي چهري جي چونڊ ڪئي وئي آهي. هڪ چيني اخبار موجب نيوز ايجنسي وڌيڪ هڪ نيوز اينڪر پڻ پيش ڪندي جيڪو چيني زبان ۾ خبرون پڙهندو. ان نيوز ڪاسٽر جي تياري ۾ چين جي مشهور سرچ انجڻ سوگو ۽ زن هوا ايجنسي گڏجي حصو ورتو آهي. ڊجيٽل اينڪر انساني آواز ۽ تاثرن جي بنهه اهڙي ئي نقل ڪندو آهي جيئن حقيقت ۾ هڪ اصل نيوز ڪاسٽر ڪندو آهي. اهڙي طرح هي ڪنهن خشڪ ۽ سرد مزاج روبوٽ بجاءِ هڪ جيئرو جاڳندو انسان محسوس ٿي رهيو آهي، پر چين ۾ پهريون ڀيرو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ ان بابت مليل جليل ردعمل سامهون آيو آهي ۽ ڪيترن ئي ان کي مصنوعي قرار ڏنو آهي ۽ ڪجهه ماڻهن ان کي سٺي ڪوشش قرار ڏيندي اهو پهريون تجربو جاري رکڻ صلاح ڏني آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پراڻي ڪپڙن سان تعميراتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

سڊني(ويب ڊيس) آسٽريلي ماهرن پاڻ پراڻن ڪپڙن مان گهر ن جي تعميرکي به ممڪن بڻائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے