18 اتوار , نومبر 2018

پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ سائنس جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

World Science Day for Peace and Development 2018 observed globallyڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ سائنس جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. پاڪستان جو شمار انهن بدقسمت ملڪن ۾ ٿيندو آهي جتي سائنسي تعليم جو رحجان تمام گهٽ آهي ۽ پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان گهٽ سائنسي ايجادون ڪندڙ ملڪن مان هڪ آهي. گڏيل قومن طرفان ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سائنس جي فائدن ۽ خاصيتن جو اعتراف ڪرڻ ۽ سموري دنيا کي ان جي هاڪاري اثرن بابت آگاهي ڏيڻ آهي. هلندڙ سال ان ڏينهن جو عنوان” سائنس- هڪ انساني حق“ رکيو ويو آهي. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته اهو هر شخص جو بنياد حق آهي ته هو سائنس مان لاڀ حاصل ڪري ۽ ان کي استعمال ڪري سگهي ۽ سائنسي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڪيترن ئي ماڻهن سائنس کي خراب چوندا آهن ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريون حوالو هٿيارن ۽ موتمار ايجادن جهڙوڪ جنگي هٿيارن جو حوالو ڏيندا آهن. حقيقت ۾ سائنس ۾ سٺي يا خراب نالي ڪا به شيءَ ناهي. اها ان جي استعمال ڪندڙن تي دارومدار رکي ٿي ته هو ان کي انساني نسل کي فائدو پهچائڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا يا دنيا کي تباهي ۽ بربادي ڏانهن ڍڪڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. دنيا کي فائدو پهچائيندڙ سائنسي ايجادون ڪندڙ سائنسدانن کي انسانيت جو محسن مڃيو ويندو آهي. جهڙوڪ موتمار بيمارين کان بچاءُ جون دوائون يا اهڙيون ايجادون جنهن ذريعي انسان تڪليف ۽ جهالت مان گذري آساني ۽ روشني ڏانهن قدم وڌايا. ان فهرست ۾ پاڪستان جي هيٺان رڳو تڪرارن ۽ گهرو ويڙهه جو شڪار ۽ غيرترقي يافته ملڪ جهڙوڪ برڪينا فاسو، نائيجريا ۽ يمن شامل آهن. فهرست ۾ پاڪستان 109 نمبر تي موجود آهي جڏهن ته فهرست ۾ سوئيزرلينڊ دنيا جون سڀ کان وڌيڪ سائنسي ايجادون ڪندڙ ملڪ آهي. ٻئي نمبر تي هالينڊ، ٽئين نمبر تي سوئيڊن جڏهن ته چوٿين تي برطانيا موجود آهي. پاڪستان کي سائنس جي شعبي ۾ هڪ وڏو نالو پيدا ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي، جنهن جي ذهانت جو اعتراف سموري دنيا ڪيو. فزڪس جي شعبي ۾ تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالسلام اهو پهريون پاڪستاني آهي جنهن کي سائنسي ميدانن ۾ ڪيل خدمتن عيوض نوبيل انعام سان نوازيو ويو هو. هڪ ٻيو نالو پاڪستاني ڄائي نرگس ماولا والا جو آهي جيڪا عالمي سائنسدانن جي ان ٽيم جو حصو رهي جنهن ڪشش ثقل جي لهرن جي نشاندهي ڪرڻ واري منصوبي تي ڪم ڪيو. هن وقت پاڪستان جي نوجوان نسل جو وڏو انگ سائنسي تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هي نوجوان تمام گهڻا ذهين ۽ غيرمعمولي صلاحيتن جا مالڪ آهن جن جو ثبوت سموري دنيا ۾ کين ملندڙ مختلف اعزاز آهن. ان جو هڪ مثال فخر پاڪستان ارفع ڪريم جو به آهي جنهن رڳو 9 ورهين جي عمر ۾ سموري دنيا جي گهٽ عمر ترين مائيڪروسافٽ سرٽيفائڊ پروفيشنل ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڪستاني نوجوان صلاحيتن سان مالامال آهن. پر مالي وسيلن  ۽ موقعن جي کوٽ سندن راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين پاڪستان جي نالي تي پراڻي پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جورستو روڪينداسين: بلاول

گلگت( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے