18 اتوار , نومبر 2018

يوٽيوب 2019 ۾ نوان فيچر متعارف ڪرائيندو

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) يوٽيوب سال 2019 ۾ پنهنجي ڊيش بورڊ ۾ وڌيڪ فيچرن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. يوٽيوب پنهنجي پراڻي يوٽيوب اسٽوڊيو کي نئين اسٽوڊيو ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تي عملي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، پر نئون يوٽيوب اسٽوڊيو بيٽا گذريل ڪجهه مهينن اڳ ئي موجود آهي. نئين يوٽيوب اسٽوڊيو بيٽا کي جديد طرز تي ڊيزائن ڪيو ويو آهي جتي ويڊيوز کي آساني سان ايڊٽ ڪري سگهجي ٿو نئين ڊيش بورڊ ۾ ڪيئي اهڙا فيچر موجود ناهن جيڪي ڪنهن به اينڊرائيڊ لاءِ تمام گهڻو ضروري هوندا آهن. اهڙن مسنگ فيچرن ۾ پلي لسٽ سيڪشن، فارميٽس سميت ٻيا فيچر شامل آهن ان سبب ڪيئي يوٽيوب واهپيدار ان جو پراڻو اسٽوڊيو ئي استعمال ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ جو ان ۾ تمام ضروري فيچر موجود آهن. جڏهن توهان يوٽيوب ڊيش بورڊ ۾ سائن ان ٿيندا ته اوهان کي نيري رنگ جو نوٽيفڪيشن ملندو جيڪو اوهان کي آگاهه ڪندو ته يوٽيوب کي ايڊ ڪيو پيو وڃي. ان جا سمورا نوان فيچر سال 2019 ۾ متعارف ڪراياويندا. جنهن کانپوءِ توهان پراڻي ڊيش بورڊ جي جاءِ تي نئين ڊيش بورڊ ذريعي ڪم ڪري سگهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پراڻي ڪپڙن سان تعميراتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

سڊني(ويب ڊيس) آسٽريلي ماهرن پاڻ پراڻن ڪپڙن مان گهر ن جي تعميرکي به ممڪن بڻائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے