11 منگل , دسمبر 2018

طارق بشير کي سندس تڪ ۾ مداخلت تي گلا آهي: پرويز الاهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان گهر ۾ ويهي ڳالهه ٻولهه نه ڪنداسين ته پارٽي ڪيئن هلندي؟ طارق بشير کي پراڻو مسئلو آهي ته سندس تڪ ۾ مداخلت ٿي رهي آهي ۽ اها ٻه ٽي تڪن ۾ آهي. ويڊيو ڪلپ سامهون اچڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته اسان جو ميمبر نه ڳالهائيندو ته خدشا ڪيئن ختم ٿيندا، مسئلو حل نه ٿئي ته ڪاوڙ سيڪريٽ بيلٽ تي نڪرندي آهي، اتحادي حڪومتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اهڙي صورتحال ايندي آهي، جنهن ۾ پارٽي جا ماڻهو نظرانداز ٿيندا آهن، تنهن ڪري جيڪڏهن پارٽي جي ماڻهن جي نه ٻڌنداسين ته ڪم اڳتي نه هلندو. سندس چوڻ هو ته گهر جي ڪهاڻي ڪنهن کي نه ٻڌائڻ گهرجي، چوڌري سرور سان سٺا لاڳاپا آهن ۽ اڳتي به رهندا، ڪنهن کي به ڪير مداخلت ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهي پر مداخلت جي خبر پوندي ته ٺيڪ ٿي ويندو ۽ هي معاملو به ٺيڪ ٿي ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو بهترين نمونو آهي: چيني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چينيڌ سفير يائو جنگ چيو آهي ته سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے