10 پیر , دسمبر 2018

ڀارتي سياستدان پاڪستان کي نشانو بڻائي چونڊون کٽڻ چاهين ٿا: شاهه محمود قريشي

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪا ۾ قيد عافيا صديقي جي رهيل سزا جيڪڏهن هتي پوري ٿئي ته سندس خاندان کي سهولت ملندي ويندي. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ملڪن ۾ ٺاهه ناهن ٿيندا، شڪيل آفريدي بابت اسان جو پنهنجو موقف آهي، اسان سمجهون ٿا ته شڪيل آفريدي پاڪستان جي مفادن خلاف ڪم ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڀارتي سياستدان پاڪستان کي نشانو بڻائي چونڊون کٽڻ چاهين ٿا، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فائرنگ جي مذمت ڪيون ٿا، ايل او سي تي فائرنگ ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، ڀارت سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هن چيو اسان جي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ٿئي، روس به خطي جو اهم ملڪ آهي، ان کي به امن ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغان امن عمل لاءِ خطي جي ٻين قوتن جو به سهڪار حاصل ڪيو وڃي، پاڪستان چاهي ٿو ته يمن ۾ امن هجي ۽ غلط فهميون ختم ٿين. شاهه محمود قريشي چيو ته نيب ڪيسن ۾ انڪوائرين سان تحريڪ انصاف جو ڪو واسطو ناهي، اهي ڪيس تحريڪ انصاف حڪومت کان اڳ جا آهن، نيب آزاد ادارو آهي ۽ اسان ڪنهن به طريقي سان اثرانداز نٿا ٿي سگهون. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پ پ ۽ ن ليگ کي به گذارش آهي ته پنهنجي مفادن کان مٿانهون ٿي خطي جي مفاد لاءِ سوچين، پيٽروليم جو اگهه تڏهن گهٽجندو، جڏهن خطي جون حالتون درست ٿينديون، ايران جي پيٽروليم ايڪسپورٽ متاثر ٿيندي ته مُلهه به متاثر ٿيندو. سندس موجب تحريڪ انصاف جي حڪومت کي تاريخي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو مليو، معيشت ۾ استحڪام ايندو ته ڊالر جو اگهه گهٽجي ويندو. هن چيو ته جيترو گدلاڻ لاهور ۾ آهي ٻيو ڪٿي ناهي، ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت هڪ ٺوس پروگرام سامهون آڻيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فرحت الله بابر عمران خان تي غلط بياني جو الزام لڳائي معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته 26 ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے