12 بدھ , دسمبر 2018

اسڪول فيسن ۾ واڌ، ڊي جي پرائيويٽ اسڪول سميت 4 اسڪولن کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسڪول فيسن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز سميت 4 اسڪولن کي توهين عدالت جو نوٽيس ڪري ڇڏيو، عدالت سمورن اسڪولن کي حڪم نامي تي مڪمل عمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ حڪومت کان فيس اسٽرڪچر جو ريڪارڊ به گهري ورتو. تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پرائيويٽ اسڪولن طرفان فيس ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي ۾ عدالتي حڪم عدولي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز ۽ چار اسڪولن کي توهي عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ماءُ پيءُ طرفان توهين عدالت جي درخواست تي وڪيل فل بينچ کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم جي باوجود اسڪول پنج سيڪڙو کان وڌيڪ فيس وصول ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڊي جي اسڪولز موجب فيس اسٽرڪچرز جو ريڪارڊ مينهن ۾ ضايع ٿي ويو آهي. عدالت سمورن اسڪولن کي عدالتي حڪم تي مڪمل عملدرآمد جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ سنڌ حڪومت کان منظور ٿيل فيس اسٽرڪچر جو ريڪارڊ به طلب ڪيو ويو جڏهن ته ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز منسوب صديقي کي 19 نومبر تي ريڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے