11 منگل , دسمبر 2018

سنڌ حڪومت متاثر دڪاندارن جي مدد لاءِ ميدان تي اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ايمپريس مارڪيٽ جي متاثر دڪاندارن جي مدد جو فيصلو ڪيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان  ڳالهائيندي مڪاني ادارن جي صوبائي وزير سعيد غني سنڌ حڪومت جي ان فيصلي جو اعلان ڪندي چيو ته متاثر دڪاندارن جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا، تنهن ڪري ان معاملي تي خاص ڪميٽي ٺاهي پئي وڃي. هن چيو ته ايمپريس مارڪيٽ جي دڪاندارن مان ڪجهه ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪي ايم سي کي مسواڙ ادا ڪري رهيا هئا، صوبائي حڪومت مڪاني ادارن، ڪي ايم سي ۽ ڪي ڊي اي آفيسرن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهيندي. سندس چوڻ هو ته ڪميٽي دڪاندارن جي نقصان جو جائزو وٺي پنهنجو سفارشون لکندي، جنهن جي روشني ۾ متاثرن جي مدد لاءِ فيصلو ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو بهترين نمونو آهي: چيني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چينيڌ سفير يائو جنگ چيو آهي ته سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے