15 ہفتہ , دسمبر 2018

فواد چوڌري جي ڪا به حيثيت ناهي، هو لوٽو آهي: محمد زبير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته اسان احتساب کان ڊڄڻ وارو ناهيون، وزير اعظم عمران خان عوام کان معافي گهري جن کي هو چور چوندو هو اُهي اڄ حڪومت ۾ آهن. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي اڳوڻي گورنر چيو ته وزيرن ۽ صلاحڪارن طرفان چور ۽ ڌاڙيل جا الزام ته لڳندا رهيا آهن پر اليڪشن کان اڳ جيڪو سنهري خواب ڏيکاريا ويا اُهي نظر ناهن اچي رهيا. هن چيو ته فالودي واري جي اڪائونٽ مان اربين رپيا نڪري رهي اآهن جنهن ۾ بنا نالي اڪائونٽ مان پيسي نڪري رهي آهن ان جو باني پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين آهي. محمد زبير سوال ڪيو ته عليم خان ۽ زلفي بخاري جو احتساب ڪڏهن ٿيندو؟ ڇا مديني جي رياست ائين هوندي آهي؟ عمران خان حساب ڏئي. هن چيو ته جيستائين سڌُ سماءَ واري وزير فواد چوڌري جي ڳالهه آهي ته ان جي ڪا به حيثيت ناهي هو لوٽو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ميمبر اسرائيل کي قبول ڪرڻ جي حوالي سان جيڪا تقرير ڪئي ان تي وضاحت ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته 50 لک گهرن جو جيڪو منصوبو بڻايو ويو هو اُهو ڪٿي آهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے