11 منگل , دسمبر 2018

نيب چيئرمين آفيسرن کي ميڊيا تي انٽرويو ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب جي سمورن آفيسرن جي ميڊيا تي انترويو ڏيڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. نيب پڌرائي موجب ميڊيا کي ڪنهن ريفرنس يا ڪيس جي باري ۾ ڄاڻ گهربل هودني ته رڳو ترجمان نيب قومي احتساب بيورو جو موقف ڏيڻ جو مجاز هوندو. نيب پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسان سمورن اسيمبلي ميمبرن جو احترام ڪندا آهيون، ڊي جي نيب لاهور جي انٽرويو جو ريڪارڊ پيمرا کان طلب ڪيو ويو آهي جنهن جو قانون جي موجب جائزو ورتو ويندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڊائريڪٽر جنرل نيب لاهور شهزاد سليم ڪيترن چيلن تي انٽرويوز ڏنا هئا ۽ خانگي ٽي جي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته شهباز شريف جي خلاف اسان وٽ ثبوت اچي ويا آهن ۽ اهڙا بيان سامهون اچي ويا آهن جنهن مان اسان مطمئن آهيون ته اسان جو ڪيس ڏاڍو مضبوط آهي. سندس چوڻ هو ته اختيارن جو ناجائز استعمال به ڪرپشن آهي ۽ دستاويزن مان خبر پئي آهي ته شهباز شريف ٻين کي فائدو رسايو، ان جي خلاف هن مهيني جي آخر تائين ريفرنس فائل ٿي ويندي. شهزاد سليم جو چوڻ هو ته اهو سمورو ڪم پيراگون هائوسنگ سوسائٽي جي لاءِ ڪيو ويو، هن پهرين وارو ڪنٽريڪٽ روڪيو ۽ ڪنٽريڪٽر کي پيسا ڏنا، اسان اهڙا ثبوت پڪڙي ورتا آهن جنهن تي اسان شهباز شريف جي خلاف ريفرنس داخل ڪري رهيا آهيون. ڊي جي نيب لاهور جي بيانن بعد مخالف ڌر پارٽين قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو ۽ ان جي خلاف تحريڪ استحقاق به جمع ڪرائي وئي آهي. ڊي جي نيب جي انٽرويوز جي حوالي سان نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال به نوٽيس ورتو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے