15 ہفتہ , دسمبر 2018

رپورٽ| وزير اعظم عمران خان سان قطري فوج جي چيف آف اسٽاف جي ملاقات

وزير اعظم عمران خان سان قطر جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل غنيم بن شاهين الغنيم ملاقات ڪئي.

وزير اعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ قطر جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف وزير اعظم عمران خان کي قطر جي امير ۽ وزير اعظم جو پيغام ڏنو.

ملاقات ۾ پاڪ قطر گڏيل مفادن تي ٻڌل لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ ايندڙ سالن ۾ پاڪ-قطر ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ واڌ تي به اتفاق ڪيو ويو.

ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته قطري پورٽ کي ڪراچي پورٽ سان فيري جي ذريعي سلهاڙيو پيو وڃي جنهن سان پاڪستان جي قطر کي برآمدات ۾ 73 سيڪڙو واڌ ٿيندي.

هن چيو ته قطر طرفان هڪ لک پاڪستانين کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ محنت ڪشن جي ڀرتين لاءِ ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ آفيسون کولڻ تي قطر جا ٿوررائتا آهيون.

وزير اعظم طرفان قطر جي امير ۽ وزير اعظم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: استادن جي حقن لاءِ نڪتل پ ٽ الف جو مارچ ڌاٻيجي پهچڻ تي شاندار آجيان

پ ٽ الف پاران استادن جي حقن لاءِ ڳڙهي خدابخش مان نڪتل لانگ مارچ ڌاٻيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے