12 بدھ , دسمبر 2018

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه طرفان گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه زمين جي الاٽمينٽ بابت ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي. قائم علي شاهه طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ عدالت کي درخواست ڪئي وئي آهي ته قومي احتساب بيورو جي انڪوائري تي اعتراض ناهي پر کين گرفتاري کان روڪيو وڃي.  درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيب کان انڪوائري ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر عدالت نيب کي حڪم ڏي ته گرفتار نه ڪيو وڃي.  ذريعن موجب ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ زمين جي الاٽمينٽ بابت جيڪي 2 رپورٽون پيش ٿيون تنهن ۾ قائم علي شاهه جو نالو ناهي پر ٽئين رپورٽ ۾ سندس نالو هئڻ جي بنياد تي کيس جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے