10 پیر , دسمبر 2018

دل جي ڪيفيت معلوم ڪرڻ وارو اي سي جي طرح سمارٽ فون ايپ ايجاد

لنڊن(ويب ڊيسڪ) دل جي دوري کي معلوم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان اي سي جي تي اعتبار ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ 12 عدد برقي (اليڪٽروڊز) لڳائي دل جي برقي ڪيفيت معلوم ڪئي ويندي آهي. پر هڪ سمارٽ فون ايپ عين اي سي جي طرح ڪم ڪري سگهي ٿي. ۽ ان جي آزمائش کان پوءِ  سٺا نتيجا نڪتا آهن. ايپ کي روايتي اي سي جي طرح درست سمجهو ٿو وڃي. اڃاتائين هي هارٽ اٽيڪ جي خبر ڏئي ٿو جيڪا جان وٺندڙ ثابت ٿيندي آهي. دل جي سخت دوري جا هي قسم جنهن کي ايس ٽي ايلي ويشن مايو ڪورڊئيل انفارڪيشن( ايس ٽي اي ايم آئي) چيو ويندو آهي. ان مان ڪا وڏي شريان مڪمل طور تي بند ٿي ويندي آهي ۽ دل کي رت جي رواني متاثر ٿيڻ سان سخت تڪليف، بيهوشي ۽ موت به واقع ٿي ويندو آهي. ان دوران هڪ هڪ لمحو قيمتي هوندو آهي ۽ مريض کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪرڻ ضروري هوندو آهي ۽ فوري انجيوپلاسٽي سان شريان کي کوليو ويندو آهي .هي عمل جيترو جلدي ٿي وڃي مريض لاءِ بهتر هوندو آهي. عام اي سي جي ۾ جسم جا 12 هنڌن تي اليڪٽروڊز لڳائي مختلف هنڌن تان دل جي برقي ڪيفيت ۾ لاهن چاڙهن کي معلوم ڪيو ويندو آهي. پر نئي ايپ سان هڪ هارڊ ڊويئر تي ٻه اليڪٽروڊ لڳل آهن.جنهن کي جسم جي اندر مختلف هنڌن تي گهمايو ويندو پوءِ آخر ڪار هي عام اي سي جي مشين جي طرح 12 اليڪٽروڊوز جي طرح ريڊنگ وٺندو ۽ پوءِ ايپ دل جي ڪيفيت جو فيصلو ڪري ڪاغذ تي جي پٽي طرح اي سي جي تي نشر ڪندو. هن جا فائدا ڄاڻڻ لاءِ اهڙن 204 مريضن تي آزمايو ويو جنهن کي سيني ۾ سخت سور محسوس ٿي رهيو هو. ۽ انهن کي دل جي اسپتال جي ايمرجنسي ۾ آندو ويو، تمام ماڻهن جي اي سي جي ۽ ايپ تي تشخيص ڪئي وئي ته معلوم ٿيو ته ايس ٽي اي ايم آئي جي سڃاڻپ ۾ ايپ ۽ هارڊوئير عين اي سي جي طرح نتيجا ڏنا جيڪي ان جي اهميت کي ظاهر ڪري رهيا هئا. هي ايپ ۽ هارڊ ڊويئر بطور تي خاص ان ملڪن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جتي اي سي  مشينو جو فقدان آهي ۽ غريبن ملڪن ۾ هن ايپ سان ڪيترن ماڻهن جو زندگيون بچائي سگهجن ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياري جي مند جا ڳاڙها ميوا ۽ انهن جا فائدا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سياري جي موسم ۾ بازارن ۾ گهڻا ئي ميوا ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے