13 جمعرات , دسمبر 2018

نيب ڪيسن ۾ يا ته سڀني کي پڪڙي يا وري سڀني کي ڇڏي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب ڪيسن ۾ يا ته سڀني کي پڪڙي يا سڀني کي ڇڏي ڏي، قومي احتساب بيورو ڪيسن ۾ ٻئي اکيون ڇو نه کوليندو آهي. جسٽس عظمت سعيد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ بئنڪ فراڊ ڪيس جي جوابدارن جي ضمانت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب جي وڪيل چيو ته جوابدارن جي غلط فيصلن سبب مجموعي طور تي 170 ملين جو نقصان ٿيو، جوابدارن غلط پاليسي ٺاهي ۽ پوءِ ان تي عمل نه ڪيو. هن چيو ته مختلف بئنڪن مان ڪڍائي اي پلس ريٽنگ بئنڪ ۾ نه رکرائي هڪ مهيني اندر نيب آخري ريفرنس داخل ڪندي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته 7 ماڻهن ٽرانزيڪشن ۾ نيب رڳو ٻن کي پڪڙيو، ڪنهن کي پڪڙڻو آهي ۽ ڪنهن کي ڇڏڻو آهي اهو فيصلو آخر ڪير ڪندو آهي، نيب ڪيسن ۾ يا ته سڀني کي پڪڙي يا سڀني کي ڇڏي، نيب ڪيسن ۾ ٻئي اکيون ڇو نه کوليندي آهي. اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب عمران خان الحق چيو ته نيب گرفتاري جي پاليسي ٺاهي رهي آهي، عدالت قرار ڏنو ته ڪيس کي پوءِ آخري ريفرنس داخل  ٿيڻ بعد ٻڌنداسين، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے