15 ہفتہ , دسمبر 2018

پاڪپتن ۾ اوقاف جي زمين جي الاٽمنٽ وارو معاملو: نواز شريف ذاتي حيثيت ۾ طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاڪپتن ۾ اوقات کاتي جي زمين جي الاٽمنٽ جي معاملي تي نواز شريف کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. 1985ع ۾ وڏي وزير طور نواز شريف پاڪ پتن درٻار جي ڀرسان اوقاف کاتي جي زمين جي الاٽمنٽ جي لاءِ نوٽيفڪيشن کي ڊي نوٽيفائي ڪيو هو. نواز شريف جي وڪيل عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي ٻڌايو ته ڊي نوٽيفڪيشن جي سمري تي نواز شريف صحيح نه ڪئي هئي. چيف جسٽس آف پاڪستنا جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته توهان کي اندازو آهي ته توهان ڪهڙي قسم جو جواب ڏئي رهيا آهيو؟ جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته ان جا سنگين نتيجا به نڪري سگهن ٿا. جسٽس ثاقب نثار چيو ته توهان 3 ڀيرا وزير اعظم رهندڙ  محترم جي باري ۾ عدالت ۾ اِهو موقف ڏنو آهي، مون کي خبر آهي ته اُن ماڻهوءَ کي خبر به نه هوندي. چيف جسٽس نواز شريف جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جواب فائل ڪرڻ کان پهرين نواز شريف سان مليا هئا؟  نواز شريف جي وڪيل چيو ته ٻه ڀيرا مليو آهيان. جسٽس ثاقب نثار چيو ته هڪ ماڻهو طرفان توهان اهڙو ورتو آهي جو اُن جو سڄو سياسي ڪيريئر داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.  چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪيس جي فائل ۾ سمري لڳل آهي جنهن تي نواز شريف جي صحيح به موجود آهي، ان جو مطلب اِهو آهي ته سڀ ڪجهه فراڊ آهي. عدالت عظميٰ ان معاملي تي نواز شريف کي 4 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے