15 ہفتہ , دسمبر 2018

وزير اعظم جي خواهش تي هر ڪنهن کي جيل ۾ نٿو وجهي سگهجي: قمر زمان ڪائره

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته الله ڪري ڪوڙن اڪائونٽن جو معاملو اصلي هجي ۽ سڄي رقم واپس اچي، حڪومت کي گهرجي ته رڳو دعويٰ نه ڪري مسئلن کي حل ڪري ڏيکاري. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان حڪومت کي احتساب جو عمل جاري رکڻ جو چيو آهي پر سندس جهالت جو عالم اِهو آهي ته ڪجهه وزير سپورٽ گهري رهيا آهن ۽ ڪجهه پڳون اُڇلرائي رهيا آهن. پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي خواهش تي ڪنهن کي جيل ۾ نٿو وجهي سگهجي حڪومت وٽ جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف ثبوت آهن ته ان کي گرفتار ڪري دعوائن سان ڪم نه هلندو. پ پ اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزير اين آر او ڏيڻ جي ڳالهه ڪندا آهن پر هن حڪومت جي اوقات ناهي ته ڪنهن کي اين آر او ڏئي سگهي، وزير اعظم اڄ به ڪنٽينر تي بيٺل آهي هو جتي به ويندو اُتي ساڳي ئي تقرير ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے