13 جمعرات , دسمبر 2018

ٻٽي شهريت: فيصل واوڊا جواب جي لاءِ مهلت گهري ورتي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آبي مسئلن واري مملڪتي وزير فيصل واوڊا ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ عدالت کان وڌيڪ مهلت طلب ڪري ورتي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فيصل واوڊا جي ٻٽي شهريت جي ڪري نااهلي بابت معاملي جي ٻڌڻي ٿي ۽ مملڪتي وزير جي وڪيل پنهنجو وڪالت نامو جمع ڪرائي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ جي جج محمد علي مظهر وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جو اصيل ڪيئن چونڊيل نمائندو آهي؟ توهان کي ته نوٽيس منظور ڪرائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته پنج ڀيرا فيصل واوڊا کي نوٽيس موڪليو پر وصول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، توهان کي ڪٿي ڪٿي نوٽيس ناهن موڪليا. جج چيو ته اسلام آباد جي ضلعي جج جي ذريعي نوٽيس موڪليو، وصول ناهي ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس ڏنو پوءِ نيشنل اسيمبلي جي اسپيڪر  ۽ وزارت کي نوٽيس موڪليو، گهر تي ڪارڊ بيٺل هئا اُهي نوٽس ناهن وٺندا، گارڊ چون ٿا ته صاحب نوٽيس وٺڻ کان منع ڪيو آهي. مملڪتي وزير جي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت طلب ڪئي. عدالت مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے