شاھ عبدالطيف يونيورسٽي جي شڪارپور ڪئمپس ۾ بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس ڊپارٽمينٽ پاران شاگردن ۾ سجاڳي ۽ ڪئمپس ۾ شاگردن جي داخلا وڌائڻ توڙي شھرين کي بهترين تفريح فراھم ڪرڻ لاءِ ڪاروباري ۽ ھنري ميلو منعقد ڪيو ويو
ميلي ۾ وائيس چانسلر عبدالرزاق مھر، پروفيسر پرڪاش لعل سميت شڪارپور ڪئمپس توڙي ٻين تعليمي ادران مان شاگردن ۽ شاگردياڻين کان علاوه شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ان موقعي تي شاگردن فهد شھزاد سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته شڪارپور ۾ گذريل ڪجھ سالن کان انتھاپسندي ۽ بدامني واري ماحول کان پوءِ ھن قسم جو فيسٽيول منعقد ڪري شاگردن توڙي شاگردياڻين لاءِ پڙھائي طرف اچڻ جي ھمت ڏياري ٿو،
هنن چيو ته انتھائي گُھٽ ۽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ شڪارپور اندر شاگردن ۾ تعليم جو شوق پيدا ڪرڻ ۽ شاگردن کي تفريح فراھم ڪرڻ لاءِ اھڙا ميلا ترجيحي بنيادن تي ڪرائڻ گھرجن، جنهن ذريعي شاگردن کي تفريح ڏيڻ ۽ تعليم طرف اچڻ ۾ ھٿي ملي ٿي،
ٻئي طرف منعقد ڪيل ميلي ۾ صوفياڻي محفل جو بندوبست پڻ ڪيو ويو هو جنهن ۾ شاگرد ۽ استاد جهومندا رهيا
محفل ۾ مشھور ڪاميڊين اصغر کوسو پنھنجي جي فن جو مظاھرو ڪري شاگردياڻين ۽ ٻارڙن کي کلائيندو رھيو، جڏھن ته ان سان گڏوگڏ ادبي ۽ مذھبي ڪورس جي ڪتابن سميت مختلف راندين ۽ کاڌن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا ھئا…………………..