17 اتوار , فروری 2019

لاهور ڀرسان کير جي ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ سبب 8 ڄڻا فوت

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي ڀرسان رائيونڊ روڊ تي کير سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ سبب 8 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 16 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب حادثو سندر ڀرسان پيش آيو جتي موضع ڀڀا ڪلان کان 25 گوالي هڪ ٽرڪ ۾ کير کڻي لاهور آندو پئي ويو ته تيز رفتاري سبب سندس ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 4 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 20 زخمين کي جناح اسپتال لاهور اماڻيو ويو جتي پهچي 4 زخمي وڌيڪ فوت ٿي ويا. ڊاڪٽرن موجب وڌيڪ 4 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم جو گرفتاري تي نوٽيس….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نيب طرفان ڊائريڪٽر آرڪيالاجي خيبرپختونخواهه ڊاڪٽر عبدالصمد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے