11 منگل , دسمبر 2018

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس: رياست ادارن جي حمايت جاري رکڻ واري عزم جو اظهار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ رياست جي رٽ يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن رياستي ادارن جي حمايت جاري رکڻ واري عزم جو اظهار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ 215 هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ جيو اسٽريٽجڪ صورتحال ۽ ملڪي سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ملڪ ۾ جاري آپريشنن، پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار ۽ اوڀر سرحد جي صورتحال، ڀارت طرفان سيز فائر جي ڀڃڪڙين ۽ شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ واري صورتحال جو به جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پائيدار امن آڻڻ جي لاءِ پاج فوج جون ڪوششون جري رکڻ ۽ علائقائي امن جي لاءِ سمورن قدمن جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ رياست جي رٽ يقيني بڻائڻ ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ سمورن رياستي ادارن جي حمايت جاري واري عزم جو اظهار ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ نيب آفيسرن تي مختلف پابنديون لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب آفيس ورڪ دوران آفيسرن تي موبائل فون جي استعمال سميت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے