14 جمعہ , دسمبر 2018

خيبرپختونخواهه ۾ چار ارب جي ڪڻڪ تي 13 ارب رپيا وياج چڙهي ويو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ چار ارب رپين جي ڪڻڪ تي 13 ارب رپين جو وياج چڙهي ويو ۽ ٽي سي پي خوراڪ کاتي کان 17 ارب رپين جون رهتون گهري ورتيون. ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ڪڻڪ جي مد ۾ خيبرپختونخواهه جي خوراڪ کاتي  کان 17 ارب رپين جو رهتون گهري ورتيون. ادائيگي نه ٿيڻ جي ڪري چار سالن ۾ چار ارب رپين جي ڪڻڪ تي مارڪ اپ 13 ارب رپيا ٿي ويو آهي. صوبائي حڪومت ان سلسلي ۾ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سڌُ سماءَ واري صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جي جاچ ٿيندي ته صوبي کي ايترو نقصان ڇو رسايو ويو. ميڊيا کي مليل ڄاڻ موجب خيبرپختونخواهه حڪومت ٽريڊنگ ڪارپوريشن کان 2004-5 ۾ 29 ڪروڙ رپين جي خريداري ڪئي، 2007-8 ۾ 83 ڪروڙ ۽ 2008-9 ۾ 3 ارب رپين جي خريداري ڪئي. اهڙي ريت چار سالن ۾ چار ارب 29 ڪروڙ رپين جي خريداري ڪئي وئي پر صوبائي حڪومت ان دوران هڪ رپيو به واپس ناهي ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ چار سالن ۾ چار ارب 29 ڪروڙ رپين تي وياج وڌي 13 ارب 21 ڪروڙ رپيا ٿي ويو آهي. ٽريڊنگ ڪارپوريشن خيبرپختونخواهه جي خوراڪ کاتي کي خط لکيو آهي جنهن ۾ فوري طور تي 17 ارب 51 ڪروڙ رپين جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ادائيگي نه ٿيڻ جي صورت ۾ مارڪ اپ وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي چيو ته اِهي اڳوڻين حڪومتن جا ڪارناما آهن جن صوبي کي ايتري وڏي رقم ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت ڪڻڪ جي خريداري ڪئي ته صوبي کي 9 ارب رپين جو فائدو رسيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے