10 پیر , دسمبر 2018

مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻن معصوم ڀائرن جي فوتگي! | پروگرام : سنڌ نگر

ڪراچي : مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻن معصوم ڀائرن جي فوتگي! | پروگرام : سنڌ نگر  |: ميزبان عنايت پيرزادو  |ٽيلي فون لائين تي : رزاق عاصي، حيدر شورو ، مسرت مهر

ڪراچي : مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻن معصوم ڀائرن جي فوتگي

واقعي جو وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

فوتي ٻارڙا مٽيءَ ماءُ حوالي، وارثن ۽ رشتيدارن جا بيان قلمبند

ريسٽورينٽ سيل، ٻارڙن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ جو انتظار

فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ريسٽورينٽ مان کاڌي جي سيمپل کڻي وئي

واقعي بعد ڪراچي واسين ۾بيچيني جي لهر پکڙجي وئي

هوٽلن تي شهرين کي صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو فراهم ٿيڻ جون دانهون

سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي کي فعال بڻائي، کاڌي پيتي جون شيون چيڪ ڪرائڻ جو مطالبو

سنڌ سرڪار، ضلعي انتظاميا ۽ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي کان قدم کڻڻ جو مطالبو

يوسي ليول تي ڪاميٽيون جوڙي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جو مطالبو

ٽنڊو محمد خان : شگر ملون بند، ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿيو، آبادگار پريشان

پاڻي کوٽ سبب ضلعي ۾ڪمند جي 60 سيڪڙو پوکائي ٿي سگهي

شگر ملون نه هلڻ ۽ اگهه مقرر نه ٿيڻ ڪري ڪڻڪ جي پوکائي سخت متاثر

جلد شگر ملون هلائي ڪمند جو مناسب اگهه مقرر ڪيو وڃي: آبادگار

ڪمند سرڪاري اگهه کان به گهٽ رقم تي خريد ڪيو ويندو آهي: آبادگار

پاڻي کوٽ سبب اڳ ئي ڀوڳي رهيا آهيون، مناسب اگهه ڏياريو وڃي: آبادگار

شگر ملون هلائي ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ صرف دلاسا ملن ٿا: آبادگار

زراعت جي بچاءُ لاءِ اپاءُ وٺي سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن: آبادگار

گهوٽڪي : ملٽي نيشنل ڪمپنين جون مقامي ماڻهن سان زيادتون، احتجاج

تيل، گئس ۽ ڀاڻ فئڪٽرين مقامي ماڻهن کي ڪي به سهولتون فراهم نه ڪيون

ڪراچي کانپوءِ ٻي نمبر تي روينيو ڏيندڙ ضلعو بنيادي سهولتن کان محروم

مقامي ماڻهن جو روزگار ۽ سهولتون نه ملڻ خلاف 40 ڏينهن کان احتجاج جاري

فئڪٽرين جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ سبب ڪيترائي ماڻهو بيمارين ۾وٺجي ويا

فنڪٽرين جي انتظاميا مقامي ماڻهن جي ڪا به واهر نه ڪئي

علائقي جا روڊ رستا ٽٽل، اسڪول ۽ اسپتالون سهولتون کان محروم

رهواسين کي سهولتون ڏيڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم ته به عمل نه ٿي سگهيو

علائقي واسين کي سهولتون ڏيارڻ لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن تحرڪ نه ورتو

علائقن ۾ڪمپنين جي زهريلي پاڻي جو ڇوڙ روڪرايو وڃي: رهواسي

سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائي بيچيني ختم ڪرائي وڃي: رهواسي

ڪمپنين ۽ روزگار، روڊ رستن، تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏياريون وڃن: رهواسي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| احمدپور: ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ ميلاد النبي جي حوالي سان جلسو ڪوٺايو ويو

احمدپور  ويجھو   ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ حافظ غلام قادر مهيسر ۽ مشهور سياسي سماجي اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے