12 بدھ , دسمبر 2018

اقتصادي تبديلي جي هدف لاءِ آءِ ايم ايف کان مدد جا خواهشمند آهيون: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته حڪومت اقتصادي تبديلي جو هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف کان امداد حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. تفصيل موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ پاليسي سطح جي ڳالهين جو ٻيو دور مڪمل ٿي ويو ان حوالي سان ناڻي واري وزارت طرفان آءِ ايم ايف کان پاليسي سطح تي ڳالهين جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب ناڻي واري وزير جي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيم آءِ ايم ايف سان ملڪي معيشت جي مختلف شعبن جي ڪاٿن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ناڻي واري وزير آءِ ايم ياف ٽيم کي ملڪي معيشت جي حوالي سان حڪومتي ويزن سميت ملڪي معيشت ۾ عدم توازن ختم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. آءِ ايم ايف جي وفد سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير اسد عمر جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت گڏيل سڌارن جي ايجنڊا کڻي اقتدار ۾ آئي آهي، اسان ملڪ جي غريب ۽ پٺتي پيل طبقي جي تحفظ ۽ بهتري  اسٽرڪچرل ۽ ادارا جاتي سڌارن تي عملدرآمد جو پڪو عزم رکون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اقتصادي تبديلي جو هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف کان مدد حاصل ڪرڻ جي خواهشمند آهي، سماجي تحفظ، انساني ترقي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ پيسا خرچ ڪيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے